اين. اي. ڊي يونيورسٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ويهين صديءَ جي اوائل ۾ ، جڏهن سکر -بئراج- تعمير ٿي رهيو هو ، ته ڊي . جي . سنڌ ڪاليج جي پرنسپال جناب -ايس- . سي . شاهاڻيءَ ، -بئراج- جي تعمير جي سلسلي ۾ ، انجنيئرن ۽ ٻين هنرمندن جي ضرورت کي محسوس ڪندي ، ڪراچيءَ ۾ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج جي قيام جو فيصلو ڪيو . بعد ۾ -ان- منصوبي جي خرچ جو پورائو ، شهرين جي چندي مان ڪيو ويو . ائين شهرين طرفان -ان- وقت 53 هزار رپين جي رقم گڏ ڪئي وئي ۽ 1922ع ۾ ” پرنس آف ويلز “ جي نالي تي هيءُ ڪاليج قائم ڪيو ويو ، جنهن جو انتظام سنڌ ڪاليجئيٽ ائسوسيئيشن جي حوالي ڪيو ويو . بعد ۾ ڪراچيءَ جي ممتاز سماجي شخصيت جمشيد نسروانجي مهتا ، پنهنجي ڪوششن سان ، -ان- وقت جي هڪ -امير- شخص ” نادرشاهه ايڊل جي ڊنشا “ جي وفات تي ، سندس وارثن کان ڏيڍ لک جي رقم عطيي طور وٺي ، ڪاليج تي خرچ ڪري ، ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو . 1947ع ۾ -پاڪستان- جي قيام کان پوءِ ، سنڌ حڪومت هن ڪاليج کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ، ” اين . اِي . ڊي انجنيئرنگ گورنمينٽ ڪاليج “ جو نالو ڏئي ڇڏيو . 14 -آڪٽوبر- 1955ع تي ڪاليج جو انتظام مغربي -پاڪستان- سنڀالي ورتو ، جنهن بعد 1 -جولاءِ- 1962ع کان 16 -اپريل- 1966ع تائين هيءُ ڪاليج خودمختيار بورڊ آف گورنرس جي حوالي ڪيو ويو . هن ڪاليج جو پهريون پرنسپال مسٽر جي . ايڇ . گوڪلي هو ، جڏهن ته هن ڪاليج جو پهريون گرئجوئيٽ جمناداس -تخت- رام نالي هڪ شاگرد هو . 1973ع ۾ هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ، ۽ يونيورسٽيءَ کي نئين عمارت ۾ ، جيڪا گلشن اقبال ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لڳو لڳ آهي ، منتقل ڪيو ويو . هن وقت اين . اي . ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي نالي سان مشهور آهي.[1]

حوالا[سنواريو]