مواد ڏانھن هلو

اينڊائوہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اينڊائوه هيءَ انگريزي ڀاڄي ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: هڪڙي موڪرن پنن واري، ٻي ويڙهيلن پنن واري. هن جو ٻج سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. ڇَٽ ڪبي آهي. ڄائي کان پوءِ فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي مضبوط سلا ڇڏجن، ٻيا پٽي ڇڏجن. جڏهن ٻوڙا وڌي رهن ، تڏهن ڪيوڙي جي پن جي تاندورن يا رسي سان انهن جا پن ٻڌي ڇڏجن ته ڪومائجن، پوءِ پٽي ڪم آڻجن. زمين ۾ ڇيڻي جو ۽ پنن جو ڀاڻ وجهڻ گهرجي. ڪي ڪي ته سڪائڻ لاءِ انهن جي مٿان ڪونڊيون اونڌيون ڪري رکندا آهن، جي ڏهه پندرهن ڏينهن رهنديون آهن، مگر ڏهاڙي صبح جو لاهي ڪچرو ڪڍي هوا ڏيئي ڇڏبي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو