اينٽي بائيوٽڪس
اينٽي بائيوٽڪس (Antibiotics) اهڙا قدرتي ۽ مصنوعي مادا آهن، جيڪا بيڪٽيريا جي خلاف سرگرم آهن. اهو بيڪٽيريا جي انفيڪشن سان وڙهڻ لاءِ سڀ کان اهم قسم جو ڪيميائي ايجنٽ آهي ۽ اينٽي بايوٽڪ دوائون وڏي پيماني تي اهڙن انفيڪشنن جي علاج ۽ روڪٿام ۾ استعمال ٿينديون آهن.[1][2] اهي يا ته بيڪٽيريا جي واڌ کي ماري سگهن ٿيون يا روڪي سگهن ٿيون. محدود تعداد ۾ اينٽي بايوٽڪ ۾ اينٽي پروٽوزول سرگرمي پڻ هوندي آهي.[3] [4] اينٽي بايوٽڪس وائرس جي خلاف اثرائتيون نه آهن جهڙوڪ وائرس جيڪا عام زکام يا انفلوئنزا جو سبب بڻجن ٿا. [5] دوائون جيڪيون وائرس جي واڌ کي روڪين ٿيون انهن کي اينٽي وائرل دوائون يا اينٽي وائرل سڏيو ويندو آهي. اينٽي بايوٽڪ فنگس جي خلاف پڻ اثرائتيون نه آهن. اهي دوائون جيڪي فنگس جي واڌ کي روڪين ٿيون انهن کي اينٽي فنگل دوائون سڏيو ويندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن، اصطلاح اينٽي بايوٽڪ (لفظي طور تي "زندگي جي مخالفت" يوناني جڙڙن مان ἀντι اينٽي، "خلاف" ۽ βίος، بايوس، "زندگي") وڏي پيماني تي مائڪروبس جي خلاف استعمال ٿيندڙ ڪنهن به مادو جي حوالي سان استعمال ڪيو ويندو آهي. پر عام طبي استعمال ۾، اينٽي بايوٽڪ،جهڙوڪ پينسلين، جيڪي قدرتي طور تي، هڪ مائڪرو آرگنزم طرفان ٻئي سان وڙهندي، پيدا ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته غير اينٽي بايوٽڪ اينٽي بيڪٽيريل، جهڙوڪ سلفونامائيڊس ۽ اينٽي سيپٽڪس، مڪمل طور تي مصنوعي آهن. بهرحال، ٻنهي طبقن ۾ مائڪروجنزمن جي واڌ کي مارڻ يا روڪڻ جو ساڳيو اثر آهي ۽ ٻئي اينٽي مائڪروبيل ڪيموٿراپي ۾ شامل آهن. "اينٽي بيڪٽيريل" ۾ بيڪٽيريا کي ختم ڪرن وارا، بيڪٽيريا جي واڌ کي روڪڻ وارا، اينٽي بيڪٽيريل صابن ۽ ڪيميائي جراثيم ڪش شامل آهن، جڏهن ته اينٽي بايوٽڪس اينٽي بيڪٽيريل جو هڪ اهم طبقو آهي، جيڪو خاص طور تي دوائن ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن جانورن جي کاڌ خوراڪ ۾، استعمال ٿيندو آهي.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Antibiotics". NHS. 5 June 2014. اصل نسخو مان 18 January 2015 تي محفوظ ڪيل. 17 January 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Factsheet for experts". European Centre for Disease Prevention and Control. اصل نسخو مان 21 December 2014 تي محفوظ ڪيل. 21 December 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Factsheet for experts". European Centre for Disease Prevention and Control. اصل نسخو مان 21 December 2014 تي محفوظ ڪيل. 21 December 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Chemical Analysis of Antibiotic Residues in Food. John Wiley & Sons, Inc. 2012. ص. 1–60. ISBN 978-1-4496-1459-1.
- ↑ "Factsheet for experts". European Centre for Disease Prevention and Control. اصل نسخو مان 21 December 2014 تي محفوظ ڪيل. 21 December 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "General Background: Antibiotic Agents". Alliance for the Prudent Use of Antibiotics. اصل نسخو مان 14 December 2014 تي محفوظ ڪيل. 21 December 2014 تي حاصل ڪيل.