مواد ڏانھن هلو

ايمپائر سئنيما (لاڙڪاڻو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءَ سئنيما لاڙڪاڻي شهر ۾ 1932ع ۾ ٺهي تيار ٿي. هن سئنيما جو اصل نالو ”پرڀات ٽاڪيز“ هو، پر اڳتي هلي -ايمپائر سئنيما- جي نالي سان مشهور ٿي. هيءَ مڪمل ايئرڪنڊيشنڊ سئنيما هئي. سئنيما ۾ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪل 1100 سيٽون هيون. هن سئنيما ۾ شروع وارن ٻن سالن ۾ گونگيون فلمون هلايون وينديون هيون. -ايمپائر سئنيما- جي ڇت ۾ بيلجم جا ٺهيل 16 گارڊر پيل هئا. هڪ گارڊر جو وزن 2 -ٽن-، ڊيگهه 42 فوٽ ۽ ويڪر اڍائي فوٽ هئي. سئنيما ڊهڻ وقت مالڪ اهي گارڊر لکين رپين ۾ پنجاب جي هڪ ڪارخاني جي مالڪ کي وڪڻي ڏنا. اهي گارڊر گهڻو وزني هجڻ سبب پُليءَ (چڪري) ذريعي ٽرالرن تي رکي پنجاب اماڻيا ويا. هن سئنيما ۾ ”جيجل ماءُ“ سميت ڪيتريون سنڌي فلمون هلايون ويون. لاڙڪاڻي جي -تاريخ- ۾ جنهن فلم سلور جوبلي حاصل ڪئي، اها سنڌي فلم ”پرديسي“ هئي. جنهن -انڊيا- جي مشهور فلم”آن“ کي به پوئتي ڇڏيو هو، هيءَ فلم -ايمپائر سئنيما- ۾ لڳي هئي. هن سئنيما کي مارچ 2004ع ۾ ڊاٺو ويو. هن سئنيما جي نالي سان اڄ به لاڙڪاڻي شهر ۾ ”ايمپائر روڊ“مشهور آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]