مواد ڏانھن هلو

ايل نينو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دنيا جي مختلف علائقن تي ايل نينو جا اثر.

ايل نينو - ڏکڻ لھر (El Niño–Southern Oscillation) جيڪا لا نينا کان مختلف آهي، هڪ عالمي آبهوائي رجحان آهي. ان ۾ هڪ سمنڊ جي گرمي پد ۾ تبديلي ڪنهن ٻئي ڏورانهين علائقي جي فضا تي اثر انداز ٿيندي آهي.[1][2]

ڏکڻ لهر (Southern Oscillation) ڊارون، آسٽريليا ۽ تاهيتي جي جزيرن جي وچ ۾ گرمي پد جي موسمي فرق جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. جڏهن ته "ايل نينو" يا "لا نينا" (La Niña) جو اصطلاح لاطيني آمريڪا جي الهندي ساحل تي سمنڊ جي گرمي پد جي تبديلي ۽ دنيا جي ٻين حصن جي وچ ۾ گڏيل اثرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وڏي حرارتي تبديليءَ جي صورت ۾، ايل نينو ۽ ڏکڻ لهر جا اثر پاڻ ۾ ملي ويندا آهن.

"ايل نينو" جو اصطلاح هڪ اهڙي رجحان لاءِ آهي جيڪو ڪرسمس جي وقت ٿئي ٿو ۽ ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهي ٿو. هي اصطلاح پيرو ۽ ايڪواڊور جي مياڻن (ماهيگيرن) پاران بحر الڪاهل جي گرم لهر ۽ ان سان گڏ ايندڙ تيز برساتن لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. هي هڪ قدرتي عمل آهي جيڪو بحر الڪاهل ۾ قدرتي زندگي ۾ خلل جو سبب بڻجي ٿو.

ايل نينو ۽ لا نينا

[سنواريو]

ايل نينو ۽ لا نينا ٻه آبهوائي عمل آهن جيڪي هڪٻئي کان مختلف آهن:

  • ايل نينو: ان ۾ خط استوا واري سمنڊ ۾ پاڻيءَ جا وڏا گرم ذخيرا اوڀر کان اولهه ڏانهن منتقل ٿيندا آهن.
  • لا نينا: هي ان جي ابتڙ ڪم ڪري ٿي، جنهن ۾ هي گرم پاڻي هندي سمنڊ، ايشيا، انڊونيشيا ۽ آسٽريليا کان اوڀر ڏانهن وڌندو آهي.

ايل نينو جو رجحان سڄي دنيا ۾ 1997ع ۽ 1998ع جي وچ ۾ پکڙجي ويو هو، جنهن جي ڪري خط استوا وارن علائقن ۽ اتر آمريڪا ۾ وڏيون آبھوائي تبديليون آيون. ان جي نتيجي ۾ انڊونيشيا ۽ برازيل جي جهنگلن ۾ وڏي باهه لڳي جيڪا ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهي. اهڙي طرح لاطيني آمريڪا جي ساحلن ۽ اوڀر آفريڪا ۾ ٻوڏون آيون.

لا نينا جا اثر ايل نينو جي ڀيٽ ۾ گهٽ شديد هوندا آهن، تنهن هوندي به ڪجهه ملڪن کي نمي واري لهرن، ٻوڏن ۽ تيز برساتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو آهي. ان سان گڏوگڏ بحر الڪاهل جي وچين جزيرن ۽ اوڀر آفريڪا ۾ اڻڄاتل ڏڪار به پيدا ٿي سگهي ٿو.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]