ايف. پي. بند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايف. پي. -بند-، -ٻوڏ- جي پاڻيءَ کان بچاءَ لاءِ هڪ تعمير ٿيل -بند- آهي، جيڪو جيڪب -آباد- ضلعي کان هلي وڃي منڇر تي ختم ٿئي ٿو. ايف. پي. -بند- جو پورو نالو (Flood Protective Bund) يعني (-ٻوڏ- کان بچاءَ -بند-) آهي. هي -بند- انگريزن جي دور ۾ سکر -بئراج- تعمير ٿيڻ کانپوءِ 33، 1932ع ڌاري ٺاهيو ويو. 1975ع واري درياهي -ٻوڏ- ۾ پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب ڪن هنڌن -تان- هن -بند- ۾ گهارا پئجي ويا هئا، -ان- کانپوءِ -آگسٽ- 2011ع ۾ آيل -ٻوڏ- سبب هن -بند- کي ڪافي هنڌن -تان- گهارا لڳا. ضلعي لاڙڪاڻي جي ويهڙ ڳوٺ لڳ سيري -پتڻ- وٽ -بند- ڪمزور ٿي ويو، جنهن ڪري ڳوٺاڻن ڳوٺ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ -بند- کي مضبوط ڪيو. -بند- کي مضبو ط ڪندي سيري -پتڻ- وٽ ٽي مهاڻا /ڳوٺاڻا -بند- جو ڪپر ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا. انهن معصوم ڳوٺاڻن جي هن قربانيءَ سبب -بند- ٽٽڻ کان -بچي- ويو. اڄڪلهه -ان- جاءِ تي -ٽن- شهيد ڳوٺاڻن جو يادگار تيار ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]