مواد ڏانھن هلو

ايصالِ ثواب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايصالِ ثواب اسلام ۾ پنھنجي نيڪ عملن ۽ بدني ۽ مالي عبادتن جو اجر ۽ ثواب ڪنھن ميت کي پھچائڻ يعني خدا کان اھا دعا ڪرڻ تہ منھنجي ھن عبادت يا نيڪ عمل جو اجر ۽ ثواب فلاڻي شخص کي پھچي، ان کي ايصال ثواب چوندا آهن.[1] ايصالِ ثواب جي معنيَ آهي ثواب پھچائڻ ۽ اصطلاحن ان جي معني آهي تہ ماڻھو پنھنجا نيڪ عمل ۽ عبادتن جو اجر ۽ ثواب پنھنجي ڪنھن عزيز يا احسان ڪندڙ ميت کي پھچائڻ جي نيت ڪري.[1] امام مالڪ جي مطابق صرف مالي عبادتن جو ثواب ميت کي پھچي ٿو ۽ جسماني عبادتن جو ثواب نہ ٿو پھچي[1] حنفي فقہ مطابق سڀ نفل عبادتون توڙي اھي مالي ھجن جيئن صدقو، خيرات ۽ قرباني، يا جسماني ھجن سڀني جو ثواب ميت تائين پھچي ٿو.[1] ان مطابق نماز ۽ روزي جو ثواب پڻ ميت تائين پھچي ٿو ۽ اھو جائز آھي.[1] ان جو طريقو اھو آھي تہ عبادت کان فارغ ٿي اھو ماڻھو ايصالِ ثواب جي دعا گهرندو آھي.[1] ايصالِ ثواب جي لاءِ ضروري ناھي تہ عبادت وقت اھڙي ڪا نيت ڪئي وڃي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 ڪتاب: آسان فقہ، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002ع - صہ 37، 296,297