ايسراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايسراڻي: نک (ماکيجا ):هي اصل اروڙونسي آهن ۽ سندن نکڙيا سئوٽ لاڙ ۾ ۽ -ڀريا- تعلقي نوشهروفيروز ۽ خيرپور مير صاحب واريءَ ۾، ۽ حيدرآباد ۾ آهن. هي گروءَ جا سک آهن ۽ اورنگزيب -بادشاهه- جي وقت ۾ پنجاب کان سنڌ ۾ آيا هئا. ايسراڻي -آڪهه- وارن مان پنج ڀائر لاڙڪاڻي طرف اچي، سنڌو نديءَ جي پرينءَ ڀر رهيا، ۽ زمينداري ڪرڻ لڳا. جنهن وقت انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت اتي سلامتي نه سمجهي درياهه جي اورينءَ ڀر، ايلياس جي ڳوٺ ۾ اچي رهيا، اٽڪل هڪ سئو ورهيه ٿيا ته اتان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا. لاڙڪاڻي ۾ سندن گهٽي اڄ تائين ”ايلياسي گهٽي“ يعني ڳوٺ ايلياس کان آيلن جي گهٽي سڏجي ٿي. ايسراڻي -آڪهه- وارن جي مٿي ذڪر ڪيل پنجن ڀائرن جا ٻيا -ٻه ڀائر- پنجاب ۾ گرداسپور جي نزديڪ رهندا هئا، سي به پوءِ سنڌ ۾ آيا. اهي -اول- خدا -آباد- ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ ميرن وٽ نوڪرين ۾ هئا. 1793ع ۾ سنڌ جي ميرن حڪومت جو ورهاڱو ڪيو ته هيءُ -ايسراڻي- نوشهري فيروز ۾ بٽنيءَ ۽ اجاري جي بستگيءَ لاءِ مقرر ٿيا. -ان- وقت مورجاڻي -آڪهه- وارا به نوشهري ۾ رهندا هئا. -جن- جي نک به ”ماکيجا“ آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ -ايسراڻي- ڀائرن مان هڪ -ڀاءُ- جي -آڪهه- وارا مورجاڻين سان گڏ، خيرپور مير صاحب واريءَ جي ويجهو ڳوٺ ڀرڳڙين ۾ وڃي رهيا، جو انهن ٻنهي آڪهين وارا مير سهراب خان وٽ نوڪرين ۾ هئا. هڪ سئو کن ورهيه ٿيا ته هيءُ ڀرڳڙين مان لڏي هميشه لاءِ لاڙڪاڻي ۾ وڃي رهيا. سندن ٻيا سئوٽ، جي اڃا نوشهري فيروز ۾ هئا، سي به اتان لڏي لاڙڪاڻي ويا. ائين سڀ -ايسراڻي- لاڙڪاڻي ۾ وڃي ڪٺا ٿيا، ته به سندن مٽي مائٽي اڄ تائين خيرپور ۽ ساهتي پرڳڻي وارن سان هلندي اچي. جيڪي -ايسراڻي- ڳوٺ ايلياس مان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا هئا، -تن- سان ڇلي سوتڪ وارڻ جي به واٽ ڪانه اٿن. ديوان ايسرداس جنهن جي نالي پٺيان هن -آڪهه- وارا سڏجن ٿا، تنهنجو هڪ پٽ ديوان سنتوڪ سنگهه هو، منڍ ۾ فقط ديوان سنتوڪ سنگهه جو اولاد خيرپور مان لاڙڪاڻي ۾ آيو هو. ديوان سنتوڪ سنگهه جي نسل مان ديوان -بهادر- ايسر سنگهه، تلوڪ سنگهه ۽ سندس ويجها سئوٽ ديوان گوبند سنگهه ۽ ديوان ڪندن سنگهه آهن، ساڳئي نسل مان ديوان شام سنگهه ۽ ديوان واڌو مل آهن. ديوان ايسرداس جي ٻئي پٽ ديوان تيرٿداس جي نسل مان ديوان هزاريمل ناميارو وڪيل هو، جنهن جو پوٽو ديوان سيرومل وشنداس وڪيل -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ ليجسلٽيو اسميبليءَ جو ميمبر هو. ڳوٺ ايلياس کان آيل ايسراڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان -تلوڪچند- ايسرداس هو، جنهن جي نسل مان ديوان گوبند بخش ڄاڃي مل بئسرسٽر، ڀاڻس ڪئپٽن نانڪ بخش اسسٽنٽ ڪمانڊنگ رائل انجنيئر ۽ سندن سئوٽ ديوان ڪندانداس ٽلومل اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا آهن، اهي ”ايلياسي“ سڏبا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]