اير ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اير (Aer) ٻولي جو لهجو جهڪريو ڳوٺ اير جيمس آباد سڏجي ٿو. هن ٻولي جو 78 سيڪڙو، ميگهواڙي ڪَڇي، ڀيلي ٻوليءَ سان ملي ٿو. جڏهن تہ 75 کان 77 سيڪڙو رٻاڙي سان، ۽ 77 سيڪڙو ڪولهي ٻوليءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي. هيءَ ٻولي سنڌ صوبي جي لاڙ واري خطي، حيدرآباد ۽ جيمس آباد ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جا گهڻا ڳالهائيندڙ ڀڄ ڪڇ ڏانهن لڏي ويا آهن. گهڻو ڪري سڀ سنڌي لکن ۽ پڙهن ٿا. اير کان سواءِ پنجابي، اردو ۽ گجراتي بہ ڳالهائين ٿا. تعليم جي نسبت 15 سيڪڙو آهي. هن ٻوليءَ جو راجستاني ٻولين سان گهرو سنٻنڌ آهي. گهڻو وقت اڳي هن جي ڳالهائڻ وارن جو هڪ جٿو نواب شاھ طرف لڏي ويو هو، پر اهي هاڻي اير ڪونہ ڳالهائين. مذهبي طور هن ٻوليءَ جي ڳالهائڻ وارن جو واسطو هندو مذهب سان آهي. 2001ع جي جائزي موجب هن ٻوليءَ جا 200 ڳالهائڻ وارا بچيا آهن. هيءَ ختم ٿيندر ٻولين مان آهي.[1]

حوالا[سنواريو]