ايجوڪيشن ان سنڌ (ڪتاب)
- EDUCATION IN SIND (Past and Present)
- مصنف: حبيب الله صديقي، ناشر: سنڌالاجي، ڄام شورو، 1987ع.
سنڌ ۾ تعليم ۽ تدريس جي تاريخ خود سنڌ جيتري قديم آهي. موهن جي دڙي کان موجوده دور تائين، ننڍي کنڊ جي هن خطي ۾ علم جي روشني به رهي ته عالمن ۽ استادن جو سلسلو به موجود رهيو آهي. زماني جي تبديلي ۽ روحاني توڙي مادي قدرن جي بدلجڻ سان سنڌ ۾ به، تعليم ۽ ان جي نصاب ۾ ڦيرگهير ٿيندي رهي آهي. ان پس منظر ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ جو هڪ ڊگهو سلسلو رهيو آهي. ارمان آهي جو اسان جي تهذيبي تاريخ جي هن اهم پهلوءَ تي هيل تائين ڪو جامع ۽ مفصل ڪتابن ڪونه لکيو ويو هو. خوشيءَ جي ڳالھ آهي، جو سنڌ جي هڪ ماهر تعليم ۽ عالم محترم حبيب الله صديقي ان ڏس ۾ پيش رفت ڪري، ”سنڌ ۾ تعليم: ماضي ۽ حال“ عنوان سان انگريزيءَ ۾ هڪ محققانه ڪتاب تحرير ڪيو آهي، جنهن جي عالمانه افاديت ۽ اهميت جي پيش نظر هن موضوع تي ڪم ڪندڙ مستقبل جي محققن لاءِ بنيادي رهنمائي ميسر رهندي. جناب حبيب الله صديقي پنهنجي شاگرديءَ کان وٺي ملازمت تائين، علم جي تحصيل توڙي درس وتدريس جي معاملي ۾ انتهائي ڪامياب ۽ نمايان رڪارڊ جو مالڪ رهيو آهي. سنڌي شاعر جي حوالي سان ته سندس واکاڻ ٻڌبي پئي رهي آهي، تاهم زير تبصره ڪتاب جي ڇپجڻ سان کيس علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پڻ خوشگوار ڀليڪار ڏني ويندي، شهرت ۽ نمام و ونموه کان پهلوتهي اختيار ڪندي، خاموشي سان مطالع ڪرڻ ۽ سنجيده ۽ پُرمايه علمي ڪم ڪرڻ صديقي صاحب جي خاص خوبين مان نمايان خوبي آهي. ”سنڌ ۾ تعليم- ماضي ۽ حال“ ڪتاب 642 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ متعدد باب ۽ حصا آهن. باب پهرئين ۾ تعليم جي روايت تي لکندي سنڌو ماٿر جي تهذيبي عهد جي حوالي سان گفتگو ڪيل آهي. ٻئي باب ۾ ”تعليم جو قديم سرشتو“ عنوان سان ٽن حصن ۾ برهمڻن، ٻوڌين، ايرانين ۽ يونانين جي علم ۽ تحصيل جي پس منظر کي چٽو ڪندي سنڌ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چوٿون باب سنڌ ۾ عربن جي اچڻ، اسلامي ادارن جي قيام، مختلف علمي مرڪزن، استادن ۽ عالمن توڙي جدا جدا تهذيبي مرڪزن تي مدار رکي ٿو. هت هي شعوري ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ڪيئن سنڌ جو دانش ۽ ڪتاب، هن دؤر ۾ اسلامي دنيا ۾ پهتا. هن باب کي عربن کان غلام گهراڻي تائين محيط ڪيو ويو آهي. باب پنجون ٻن حصن ۾ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ ٿيل تعليمي ترقي بحث هيٺ آندل آهي. هن دور تي فاضل مصنف اختصار کان ڪم ورتو آهي، پر ڏنل مواد ڪافي معلومات ڏئي ٿو. سمن جي دؤر ۾، صديقي صاحب، هڪ تصنيف ”آداب المُتعلمين“ جو ذڪر ڪيو آهي. هي هڪ نئون تحقيقي انڪشاف آهي، جنهن تي تفصيل سان روشني وجهڻ جي ضرورت باقي آهي. ڇهون باب ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي زماني ۾ سنڌ ۾ تعليمي صورتحال بابت آهي. مخدوم بلاول رح جي شهادت، سنڌي عالمن جي لڏپلاڻ، مقامي ماڻهن جي تڪليف ده حالت، شهري تعليمي مرڪز، مشهور عالم ۽ استاد توڙي نصاب ۽ ڪتاب- جهڙن عنوانن تي نهايت ئي جامع انداز سان سير حاصل بحث ڪيو ويو آهي. روايتي تعليم جي حوالي سان آخري ستون باب ٻن حصن تي مدار رکي ٿو. پهرئين حصي ۾ ڪلهوڙن ۽ ٻئي حصي ۾ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ تي روشني وڌل آهي. سنڌي زبان، عالم ۽ صوفي توڙي نصابي ڪتابن جي فهرست ۽ حاڪمن جو تعليم ڏي رجحان جهڙا اهم عنوان ستين باب جي زينت بنيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي هزارن سالن جي روايتي تعليمي تاريخ کي فاضل مصنف صرف ڏيڍ سئو صفحن تي ختم ڪيو آهي. بنده جي خيال مطابق، ان بعد ڪتاب جو حقيقي معنيٰ ۾ آغاز ٿئي ٿو. اٺون باب سنڌ اندر مغربي تعليم جي پکڙجڻ بابت مواد فراهم ڪري ٿو. هن باب جا ٽي حصا آهن، جن ۾ سنڌ ۾ ابتدائي انگريزي تعليم، تعليم عام ماڻهن لاءِ ۽ مقامي ماڻهن جو ڪردار- بحث هيٺ آندل آهن. سنڌ ۾ پهريائين مغربي تعليم ڪيئن رائج ٿي، سنڌي زبان بطور ذريعهء تعليم هڪ سئو سالن ۾ تعليم جي واڌاري بابت جاري ڪيل ضابطا ۽ قانون، تعليم جو عوامي سطح تائين پهچڻ، جھڙا موضوع دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا ويا آهن. هن باب جي آخر ۾ مقامي زميندارن، اديبن، سياستدانن ۽ استادن جي سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار کي تفصيلي طور اجاگر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ قومي هڏڏوکين ۽ سماج سڌارڪن جو يڪجا ذڪر ڪيو ويو آهي. نائون باب پاڪستان ۽ انگريزن جي دور ۾ مقامي ديني تعليم بابت آهي. هن باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته، ڪيئن روايتي تعليم زندهه آهي. ديني تعليم جا ڪهڙا مرڪز قائم آهن ۽ ان ڏس ۾ ڪهڙن ڀلارن عالمن حصو ورتو آهي. ڏهون ۽ آخري باب، جديد تعليم بابت آهي، جيڪو قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي تعليمي ترقيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. حڪومت پاڪستان ۽ وزارت تعليم، سنڌ سرڪار ۽ ان جو تعليم ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ، پ. آخر ۾ ضميما، ببليوگرافي، حوالا، حاشيا ۽ انڊيڪس ڏنا ويا آهن.
سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي تاريخ بابت هن کان اڳ متعدد عالمن قلم کنيو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ۽ سيد مصطفيٰ علي بريلوي قابل ذڪر آهن، تاهم اسان جي تاريخ جي هن اهم باب کي محترم حبيب الله صديقي صاحب وڏي جاکوڙ ۽ تحقيقي ڪشالي کان پوءِ هڪ خاص نوع ۾ مڪمل ڪيو آهي. اهڙن خشڪ ۽ وساريل عنوانن تي ڪم ڪرڻ بلاشبه هڪ ڪٺن ڪم هو، ۽ ان کي توڙ تي پڄائڻ لاءِ ڪيئي جتن ڪرڻا پيا هوندا، ليڪن اسان جو ”پهرئين جامع ڪتاب“ کي هر طرح معياري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
بلاشبه صديقي صاحب جي هن ڪتاب Education in Sind جون ڪيئي خوبيون آهن. خود سنڌ جي تعليم بابت انگريزي زبان ۾ هڪ ڪتاب جو لکجڻ ۽ ڇپجڻ هڪ اهم پيش رفت تصور ڪئي ويندي. هن ڪتاب کي وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش بنائڻ لاءِ، لائق محقق، جابجا فارسي ۽ سنڌي بيت، مناسبت سان درجا ڪيا آهن. جتي هن ڪتاب ۾ ڪيئي خوبيون آهن، اتي هن ۾ ڪجهه ڪميون به نظر اچن ٿيون. مثال طور سنڌ جي مقامي حڪمران خاندان پاران تعليم ۽ تدريس ۾ ورتل دلچسپي ۽ خود انهن زمانن ۾ ٿيل تعليمي ترقيءَ بابت نهايت اختصار کان ڪم ورتو ويو آهي. سومرن ۽ سمن توڙي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي سياسي زوال ۽ آغاز بابت ڪجهه تفصيل سان لکڻ جي ضرورت هئي. ان کان علاوه ڪتاب جي رٿابنديءَ ۾ پڻ اڃا اصلاح جي گنجائش باقي هئي.هڪ طرف سنڌ جي هزارن سالن جي تعليمي تاريخ کي صرف ڏيڍ سئو صفحن تي پابند ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي طرف جديد دور جي ڏيڍ سئو سالن کي پنج سئو صفحن تي آندو ويو آهي. اميد آهي ته فاضل مصنف طرفان ورندڙ ڇاپي ۾ مناسب اصلاح لاءِ توجھ ڏنو ويندو.
ڪتاب جي آخر ۾ ضميمن جي شامل ڪرڻ سان ڪتاب جي افاديت ۾ اضافو آيل آهي. مغل دور ۽ ٽالپر دور ۾ نصابي ڪتابن جر مڪمل لسٽ مصنف جي علمي ادراڪ ۽ اعليٰ تحقيقي شعور جي نشاندهي ڪري ٿي. سنڌ جي تعليم، ان جي مسئلن، لاهين چاڙهين، موجوده دور ۾ آيل تعليمي الحطاط ۽ زوال بابت لکڻ جي بهرحال وڏي گنجائش موجود آهي. توقع آهي ته محترم حبيب الله صديقي هن ڪتاب کان پوءِ ان راهه تي گامزن رهندو. Education in Sind- Past and Present انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وڏي اهتمام سان شايع ڪيو آهي. لائق ليکڪ محترم حبيب الله صديقي سان گڏ، ڪتاب جي ناشر محترمه مهتاب اڪبر راشدي پڻ مبارڪباد جي مستحق آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ بابت هڪ جامع ۽ تفصيلي ڪتاب ميسر ڪيو آهي.رائمري کان يونيورسٽي تعليم، مغربي تعليم ۽ سائنسي تعليم توڙي جديد ٽيڪنالاجي، مختلف تهذيبي ۽ ادبي ادارا، لائبرريون ۽ ڪتب خانا، وغيره هن باب ۾ تفصيلي بحث هيٺ آيا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ تبصرا: نصير مرزا؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو