مواد ڏانھن هلو

اياز شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر، اياز شاهه ولد امان الله شاهه بخاري، حيدرآباد ۾ 22 آگسٽ، 1967ع تي جنم ورتو. هن جا وڏا اصل پراڻي سکر جا هئا، بعد ۾ لڏي هيرآباد، حيدرآباد ۾ اچي رهيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن لطيف آباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. اياز شاهه انٽر سائنس، ڊگري ڪاليج لطيف آباد مان ڪئي ۽ سال 1992ع ۾ اين. اي. ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان اليڪٽرانڪس ۾ بي. اِي (B.E) ڪيائين. هن سال 1993ع کان سنڌي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ پنهنجي پيشرو عبدالماجد ڀرڳڙيءَ ۽ ٻين جي محنتن کي تسلسل ڏنو ۽ اڳتي وڌايو. هن نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر، آئی بی ایم IBM ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ هن وقت 100 سيڪڙو سنڌي اخبارن ۾ ڪمپوزنگ لاءِ IBM جو استعمال سان هلي رهيو آهي. يونيڪوڊ بنياد وارن ڪمپيوٽرن ۾ پهريون ڀيرو سنڌي رسم الخط کي متعارف ڪرائڻ لاءِ هن نوجوان انجنيئر يونيڪوڊ سسٽم جو مطالعو ڪري، يونيڪوڊ بنياد وارو فانٽ تيار ڪيو آهي، جنهنڪري هاڻي سڄي دنيا ۾ اسان ٽيڪسٽ کی موادي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙهه (E-mail) ڪري سگهون ٿا. هن وقت اياز شاهه "بيٽر بزنس سسٽم" ۽ "ڊيٽالنڪ" جي نالي سان ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ٻه ادارا هلائي رهيو آهي. اياز شاهه سنڌي اخبارن کان سواءِ ادبي ۽ علمي ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ سنڌي لینگویج اٿارٽيءَ جي ڪمپيوٽر ڪاميٽي تي سرگرم ميمبر رهيو ۽ اٿارٽيءَ جي انفارميٽڪس شعبي سان ڀرپور سهڪار ڪندو رهيو آهي. اياز شاهه ڪجهه وقت دبئيءَ ۾ به پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو هو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]