اياز حسين ابڙو
ناليوارو مصور -اياز- حسين ولد يار محمد خان ابڙو، 20 مئي 1946ع تي ڳوٺ جيئڻ ابڙي تعلقي قنبر ۾ ڄائو. سندس والد فارسيءَ جو ڄاڻو ۽ شاعريءَ جو شوق رکندو هو، جنهن ڪري هن جو به فنون لطيفه ڏانهن لاڙو ٿيو. هن ابتدائي -تعليم- پرائمري اسڪول جيئڻ ابڙي ۾ ورتي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر مان ڏني ۽ -ان- کانسواءِ هن 1962ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪئي. -انور- ابڙو -اسڪائوٽنگ- ٽريننگ، معلم قرآن ڪورس ۽ پرائمري ٽريننگ ڪورس ڪري پهرين فيبروري 1972ع تي پرائمري -استاد- ٿيو ۽ 31 ڊسمبر 1998ع تي هيڊ ماستر جي عهدي -تان- رٽائر ٿيو. اياز حسين، مصوريءَ جي سکيا قنبر جي ناليواري مصور محمد عالم ابڙي کان ورتي، جنهن کان پوءِ مسلسل رنگن سان منظر چٽيندو رهيو. خاص طور هن ڪلچرل ۽ منيئيچر پينٽنگن ٺاهيون، -جن- ۾ گلن، پوپٽن، زميني منظرن ۽ جانورن وغيره جون پينٽنگس شامل آهن. هن پکين جا مٽيءَ ۽ پلاســٽر آف پئرس مان ڪيترا عمدا ماڊل پڻ ٺاهيا. -اياز حسين ابڙو- مصور سان گڏ موسيقار به هو. سارنگي، بانسري، سرندو، وائلن، بينجو، هارمونيم ۽ ڪي بورڊ وغيره مهارت سان وڄائيندو هو. جڏهن ته وائلن، سرود، سرندي، سارنگيءَ ۽ مرنا واري يڪتاري جهڙا ساز خود ٺاهيندو هو. -اياز- مصوريءَ ۽ موسيقيءَ کان سواءِ شاعري به ڪندو هو.. هن جا هيٺيان ڪتاب -اشاعت- هيٺ آهن: (1) -بحر- فراق (شاعري)، (2) بيان ساز (سازن بابت الف - ب وار ڄاڻ) ۽ (3) راڳ وديا (هنديءَ مان ترجمو). هن نامور مصور 2002ع ۾ وفات ڪئي.[1]