ايئرپورٽس سڪيورٽي فورس ايڪٽ 1975

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايئرپورٽس سڪيورٽي فورس ايڪٽ 1975: Airports Security Force Act,1975: ھي قانون ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت 18 ڊسمبر 1975 ۾ اسيمبلي مان منظور ڪرائي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو . ان کان اڳ ھن قانون کي آرڊيننس ذريعي آندو ويو هو جنھن جو نالو ايئرپورٽس سڪيورٽي فورس آرڊيننس نمبر 12 سال 1975 ھيو جيڪو جن ايڪٽ جي پارليامينٽ مان منظوري سان منسوخ ٿي ويو.ھن ايڪٽ جو مقصد پاڪستان جي اندر ھوائي اڏن، ھوائي جھازن ۽ شھري ھوابازي جي تنصيبن جي حفاظت ۽ اتي قانون کي قائم رکڻ لاء ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس يا اي.ايس.ايف.(ASF) جو قيام ھيو. ھن قانون کي پوري ملڪ جي ھوائي اڏن تي لاڳو ڪيو ويو.

ھوائي اڏن جي تعريف[سنواريو]

ھن قانون ۾ ٻن قسمن جي ھوائي اڏن جو ذڪر آھي: ايئرپورٽ (airport) ۽ ايئروڊروم (aerodrome). ايئروڊروم جو مطلب اھڙو زميني يا پاڻي جو علائقو جنھن جي اھڙي ڊزائين ھجي يا جتي اھڙيون تنصيبون ھجن جو ان ذريعي اتي جھازن جي لاھڻ ۽ اڏارڻ جي سھولت جو بندوبست ڪيل ھجي ان کي ايئروڊروم چئبو . ھونئن تہ فوجي ايئر بيس بہ ايئروڊروم سڏجي ٿي پر ھن قانون ۾ اھا ايئروڊروم جي تعريف ۾ شامل ناھي ڇوتہ پاڪستان ۾ فوجي ايئر فورس لاءِ علحده قانون آھن. ايئرپورٽ جي معني اھڙو ايئروڊروم جنھن کي وفاقي حڪومت جي نگرانيءَ ۾ شھري ھوابازي (civil aviation) جي سھولت لاء ڪافي ترقي ڏنل ھجي. ايئروڊروم ۾ شھري ھوابازي جي معيار واري سھولت ڏنل نہ ھوندي آھي. ايئر سروس جو ھن قانون تحت مطلب آھي پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت ھر ڪم لاءِ شھري ھوابازي جي لاءِ جھازن جي سھولت ڏيڻ. ھن قانون ۾ ھر قسم جي جھاز کي ايئرڪرافٽ سڏيو ويو آهي نہ رڳو جھاز پر ان ۾ ھوائي ڦوڪڻا(balloons), گلڊر به شامل آهن.

ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس جون ذميداريون[سنواريو]

ھن قانون تحت ايئرپورٽن جي حفاظت لاءِ فورس کي ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس سڏيو ويندو جنهن جو انچارج ڪمانڊر سڏبو ۽ ان فورس قائم ڪرڻ جو اختيار وفاقي حڪومت جو آهي. ھن فورس جو ڪم ايئرپورٽن ۽ ايئروڊرومن تي ، جھازن، شھري ھوابازي جي تنصيبن کي ناجائز مداخلت يا اھڙي مداخلت جي خطري کان حفاظت ڏيڻ.ھي فورس ھر قسم جي سرڪاري، غيرسرڪاري، تنظيمن ي تنصيبن ۽ سامان جي حفاظت جي لاءِ بہ ذميدار ھوندي. ھي فورس ايئرپورٽن تي موجود ماڻھن جي ايئرڪرافٽ رولز 1937 تحت مناسبت ھلت قائم رکڻ لاءِ بہ ذميدار ھوندي ۽ ايئرپورٽ جي اندر ھلندڙ زميني گاڏين جي حدن اندر ھلڻ لاءِ بہ ذميدار ھوندي. ھن فورس جي اھا بہ ذميداري ھوندي تہ ايئرپورٽن تي امن ۽ امان قائم رکي ۽ اتي واقع ٿيندڙ ھر ڏوھ جي نوٽس وٺي .فورس جي لاءِ لازمي ھوندو تہ وفاقي حڪومت طرفان گزيٽ ۾ نوٽيفڪيشن ذريعي ڏنل ھر ذميداري جي بجاآوري ڪري.فورس سول ايويئيشن آرڊيننس 1960 جي ۽ سول ايويئيشن رولز 1978 ۾ ڄاڻايل حڪمن جي بہ بجا آوري ڪري. ھن ايڪٽ جي قلم 6 تحت فورس جي آفيسرن جي اھا بہ ذميداري آهي تہ ھوائي جھازن جي مسافرن جي، انھن جي سامان جي ۽ ڪارگو وغيره جي حفاظت ڪري ۽ موثر قدم کڻي ھاءجيڪنگ ، سبوتاژ، ۽ بم ڌماڪن، خطرناڪ شين ، ھٿيارن ۽ بارود کڻڻ کي روڪي ، ۽ ڪسٽم ايڪٽ 1969 ۾ تحت ماڻھن ۽ انھن جي سامان جي تلاشي وٺي منشيات ڳولي . فورس بڻ جي ڪمانڊر کي اختيار آھي تہ ھاءجيڪنگ ۾ جھاز جي لھڻ بعد فوج ۽ سول ايجنسين کي مدد لاءِ طلب ڪري سگھي ٿو. ھن فورس جي آفيسرن کي پوليس ايڪٽ 1861 ۽ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 1898 تحت ٿاڻي جي انچارج کي مليل سڀ اختيار پڻ حاصل آھن.

فورس جي ملازم خلاف ڪورٽ مارشل[سنواريو]

7 آگسٽ 1984 ۾ آرڊيننس نمبر 35 تحت قلم 7A کان قلم 7G جو اضافو ڪيو ويو جنھن تحت فورس ڪمانڊر ڪنھن بہ آفيسر يا ميمبر خلاف جنرل ڪورٽ مارشل ويھاري سگھي ٿو.ڪورٽ مارشل جي فيصلي خلاف اپيل ڊپٽي ڊائريڪٽر، چيف سيڪيورٽي آفيسر يا ٻئي ڪنھن جي آفيسر جيڪو سزا ڏيندڙ آفيسر کان بالا ھوندو ان وٽ 30 ڏينھن ۾ ٿيندي.فورس ڪمانڊر جي فيصلي خلاف نگراني ( revision)جي درخواست 30 ڏينھن جي اندر وفاقي حڪومت کي ڏئي سگھبي.