اوڙيسا جي ثقافت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:رياست اوڙيسا اوڙيسا ڀارت جي 28 رياستن منجھان ھڪ آھي، جيڪا اُڀرندي سامونڊي ڪناري تي آھي. اھا اولھندي اوڀر ۾ اولھ بنگال وٽان، اُتر ۾ جھارکنڊ کان، اولھ ۽ اُترئين اولھ ۾ ڇتيس ڳڙھ کان ۽ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ آنڌرا پرديش سان گھيريل آھي.[1] اڊيہ ٻولي (جيڪا پھرين اڙيہ جي نالي سان مشھور ھئي) اوڙيشا جي سرڪاري ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳالھائي ويندڙ ٻولي آھي، 2000 جي مردم شماري جي مطابق 33.2 ملين ماڻھو اوڙيشا ۾ اڙيہ ڳالھائيندا ھئا. [2] اوڊيشا جي جديد رياست 1 اپريل 1936ء تي برطانوي راڄ ۾ ھڪ صوبو جي درجي سان قائم ڪئي وئي ھُئي [3]، ۽ اھا خاص طور تي اڙيہ ڳالھائيندڙ خطن تي مشتمل ھئي. 1 اپريل اوڙيسا جي ڏينھن طور ملھايو ويندو آھي. [4]

بصري فن[سنواريو]

ٻين ثقافتي پرڪشش ماڳن ۾ پوري جي جگناٿ مندر؛ جيڪا پنھنجي سالانہ رٿ ياترا يا رٿ، [5] تلہ چترا [6](کجور جي پتن جي ڪندہ ڪاري)[7] جي لاءِ معروف آھي. اھڙي طرح اوڊيشا؛ نيلگری، باليسور جي مشھور پٿر جا ٿانوءَ (برتن) [8] ۽ مختلف متاثر ٿيل قبائلي ثقافتن جي لاءِ بہ سُڃاتي ويندي آھي. ڪونارڪ ۾ سورج مندر پنھنجي اڏاوتي شاھڪار شان و شوڪت جي لاءِ مشھور آھي [9] ۽ سمبلپوري ساڙي[10] فنڪارانہ مھما ۾ ڏسڻ وٽان آھي۔ پوري جي ساحلن تي واريءَ جا مجسمہ تيار ڪيا ويندا آھن[11]

ڌرم[سنواريو]

پنھنجي ڊگھي اتھاس ۾ اوڙيشا ۾ مذھبي روايتون خصوصاً ھندومت، ٻڌمت ۽ جين مت جي روايت رھي آھي. [12]اشوڪ جي ڪلنگ جي سوڀ رياست ۾ ٻڌ مت کي ھڪ اھم مذھب بڻائي ڇڏيو، [13] جنھنڪري ڪيترائي استوپيون ۽ ٻڌ مت جا مرڪز قائم ٿيا. کاراويلا جي دور ۾ جين مت کي شھرت ملي۔[14] اھڙي ريت نائين صدي عيسوي جي وچ تائين ھندو مذھب جي بحالي ٿي ھئي، جنھن ۾ مڪتيشورہ، لنگاراج، جگناٿ ۽ ڪونارڪ جھڙا انيڪ مندرن جي تصديق ڪئي وئي ھئي، جيڪي ستين صدي عيسوي جي پڇاڙيءَ کان شروع ٿيا. ھندو مت جي احیاء جو ھڪ حصو ادي شنڪراچاريہ جي سبب ھيو، جنھن پوري جي، ھندو مذھب جي لاءِ چار پويتر ماڳ يا چار ڌام منجھان ھڪ ھجڻ جو اعلان ڪيو ھيو. تنھنڪري اوڙيشا؛ ٽي تاريخي مذھبن جي ھڪجھڙائي جو مرڪب آھي، جنھن جي تصديق ان حقيقت سان ٿيندي آھي تہ پوري ۾ جگناٿ مندر کي ھندون، ٻڌن ۽ جينن پويتر سمجھن ٿا.

ھن وقت رياست اوڙيسا ۾ گھڻي کان گھڻا ماڻھو ھندو آھن. [15] 2001ء جي مردم شماري مطابق اوڙيشا؛ (آبادي جي في سيڪڙو جي طور تي) ڀارت جي ٽئين وڏي ھندو آبادي واري رياست آھي. [16] رياست ۾ ھندو عقيدي جي سبب کان ھڪ متناسب ثقافتي ورثو آھي. مثال جي طور تي، اوڙيسا ۾ ڪيترن ئي ھندو سنتن جا گھر آھن. [17] سنت ڀيما ڀوئي؛ مھيما جماعت تحريڪ جو سرواڻ ھيو. [18] سرلا داس؛ اوڊيہ ۾ "مھاڀارت" جو مترجم ھيو۔<ref>https://peoplepill.com/people/sarala-dasa</re

حوالا[سنواريو]

  1. [1]
  2. "Indiaspeak: English is our 2nd language". دي ٽائمز آف انڊيا. 14 مارچ 2010. http://timesofindia.indiatimes.com/india/Indiaspeak-English-is-our-2nd-language/articleshow/5680962.cms. 
  3. "Detail History of Orissa". Government of Odisha. وقت 12 نومبر 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  4. "Utkala Dibasa hails colours, flavours of Odisha". دي ٽائمز آف انڊيا. 2 اپريل 2014. http://timesofindia.indiatimes.com/city/lucknow/Utkala-Dibasa-hails-colours-flavours-of-Odisha/articleshow/33095967.cms. 
  5. https://odisha.gov.in/odisha-tourism/important-tourist-pointspuri
  6. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-01-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-03-11 
  7. https://odisha.gov.in/odisha-tourism/important-tourist-pointsbhubaneswar
  8. https://www.indianmirror.com/culture/indian-specialties/orissastonecrafting.html
  9. https://odisha.gov.in/odisha-tourism/important-tourist-pointskonark
  10. Alkazi, Roshan (1983) "Ancient Indian costume"، Art Heritage; Ghurye (1951) "Indian costume"، Popular book depot (Bombay); Boulanger, Chantal; (1997)
  11. https://www.incredibleart.org/news/issues/sand-sculptures.html
  12. https://www.toursorissa.com/religion-in-odisha/
  13. https://books.google.co.in/books?id=uXyftdtE1ygC&pg=PA214&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false
  14. https://www.storiesbyarpit.com/2020/07/the-forgotten-jain-heritage-of-odisha.html?m=1
  15. https://www.census2011.co.in/data/religion/state/21-orissa.html
  16. https://web.archive.org/web/20180901131912/http://www.stscodisha.gov.in/Aboutus.asp?GL=abt&PL=1
  17. https://www.hindustantimes.com/india-news/odisha-govt-gives-control-of-govardhan-math-to-puri-s-shankaracharya/story-AxFTzPub2rVSgzS0DAMCzL_amp.html
  18. Nepak, Bhagirathi. "Mahima Dharma, Bhima Bhoi and Biswanathbaba" (PDF). وقت 26 سيپٽمبر 2007 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 مئي 2005.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)