اوڏڪي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي -ٻولي- -اوڏ- جي نالي سان به سڃاتي وڃي ٿي. هي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو به سمجهي وڃي ٿي. هيءَ -ٻولي- مرهٽي ۽ گجراتيءَ سان مشابهت رکي ٿي. اوڏڪي -ٻولي- ڪافي لفظ مارواڙي ۽ پنجابيءَ کان به ورتا آهن. هن تي سنڌيءَ جو گهڻو اثر آهي. نحوي ۽ صرفي طور هي -ٻولي- 88 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ دادو، شڪارپور ۽ پٿوري جي اوڏڪيءَ سان ملي ٿي. 70 کان 78 سيڪڙو مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ -باگڙي- ٻوليءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هي -ٻولي- سنڌي يا ديوناگريءَ ۾ ليکي وڃي ٿي. هيءَ -ٻولي- سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾، ڪجهه پنجاب ۾، ٿي سگهي ٿو ته هندوستان جي راجستان ۾ به هي -ٻولي- ڳالهائي ويندي هجي. 1998ع جي رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا 50000 هزار ڳالهائڻ وارا موجود هئا.[1]


ڪجهه جملا هيٺ ڏجن ٿا[2].

نمبر سنڌي اوڏڪي
1 تون ڇا پيو ڪرين؟ تون ڪا، ڪري، تا؟
2 مان پڙهان ٿو. مين، پَڙهين، پَلا.
3 تنهنجي پيءَ جو نالو ڇا آهي؟ تڌي، ٻا، چي، نا، ڪا، هي؟
4 تون ڪٿي ويٺو آهين؟ تون ڪٺي ٻيلها، هتا؟
5 تو وٽ گهڻا گڏهه آهن؟ تو، کن، گهڻين، گاڙهين هتسين؟
6 تون ڇا تي ڪمائيندو آهين؟ تون ڪي، ڦر، ڪماوي تا؟
7 مان گڏهن تي ڪمائيندو آهيان. مين، گاڙهان پر، ڪماوين هين.

ان کان علاوه گڏهه کي ”گاڙو“، لَسيءَ کي ”ڇاڇڙي“، مڇيءَ کي ”ماڇڙي“، کٽ کي ”کاٽ“، ڪوڏر کي ”پاوڙا“، مسلمان مرد کي ”گوچا“ واڻئي کي ”باڻئا“، وارن کي ”چوڻي“، هٿن کي ”هاٿ“، پيرن کي ”پڳ“، مٿي کي ”ٺوڏ“، سلوار کي ”سُوٿڻ“، رلهي کي ”کَنڌولي“، باهه کي ”جاکتي“، پکيءَ کي ”سَرڪِي“ ۽ پاکڙي کي ”جتري“ چيو وڃي ٿو[2].

سنواريندڙ سجاد اوڏ هالا نوان

0303-3471007

حوالا[سنواريو]

  1. اوڏڪي اوڏ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 جيئل راءِ اوڏ لاڙڪاڻوي جو مقالو؛ اوڏ قوم – تاريخي پس منظر ۽ رسم و رواج؛ رسالو؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو