مواد ڏانھن هلو

اوميگا-3 فيٽي ايسڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اوميگا-3 فيٽي ايسڊز (Omega-3 fatty acids)، جن کي اوميگا-3 آئلز (omega-3 oils) يا n-3 فيٽي ايسڊز پڻ چيو ويندو آهي، پولي-انسيچوريٽيڊ فيٽي ايسڊز (PUFAs) آهن. انهن جي ڪيميائي بناوٽ جي خاصيت اها آهي ته انهن ۾ ”ٽرمينل ميٿائل گروپ“ (جنهن کي يوناني اکرن جي آخري اکر ’اوميگا‘ يا ω سان ظاهر ڪيو ويندو آهي) کان ٽن ايٽمن جي فاصلي تي هڪ ”ڊبل بانڊ“ (double bond) موجود هوندو آهي. اهي فطرت ۾ وڏي پيماني تي موجود آهن، جانورن جي لپڊ ميٽابولزم (چرٻي جي ميٽابولزم) جا اهم جزا آهن ۽ انساني خوراڪ توڙي انساني جسماني نظام (فزيالاجي) ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انساني جسماني نظام ۾ شامل اوميگا-3 فيٽي ايسڊ جا ٽي قسم: الفا-لينولينڪ ايسڊ، اڪوساپينٽانوئڪ ايسڊ ۽ ڊڪوساهڪسانوئڪ ايسڊ آهن. لينولڪ ايسڊ (ALA) ڪجهه خشڪي وارن ٻوٽن ۾ ملي ٿو، جڏهن ته ڊوڪوسانوئڪ ايسڊ (DHA) ۽ ايڪوسا پينٽينوئڪ ايسڊ (EPA) الجي (algae) ۽ مڇين ۾ ملن ٿا. سامونڊي الجي ۽ فائٽوپلانڪٽن (phytoplankton) اوميگا-3 فيٽي ايسڊز جا بنيادي ذريعا آهن. DHA ۽ EPA انهن مڇين ۾ گڏ ٿين ٿا جيڪي اهي الجي کائين ٿيون. ALA تي مشتمل خشڪي وارن ٻوٽن جي عام ذريعن ۾ اخروٽ، چيا جا ٻج (chia seeds) ۽ السي جا ٻج (flaxseeds) توڙي ڀنگ جي ٻج جو تيل (hempseed oil) شامل آهن، جڏهن ته EPA ۽ DHA جي ذريعن ۾ مڇي، مڇيءَ جو تيل ۽ الجي جو تيل شامل آهن.

لڳ ڀڳ هر صورت ۾، جانور ضروري اوميگا-3 فيٽي ايسڊ ALA پاڻ تيار ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن ۽ ان کي صرف خوراڪ ذريعي حاصل ڪري سگهندا آهن. جڏهن ته، جڏهن ALA موجود هجي ته اهي ان کي استعمال ڪندي EPA ۽ DHA ٺاهي سگهن ٿا؛ ان لاءِ اهي ان جي ڪاربان چين (carbon chain) ۾ اضافي ڊبل بانڊ ٺاهيندا آهن، جنهن کي ڊي-سيچوريشن (desaturation) چئبو آهي، ۽ ان جي ڊيگهه وڌائيندا آهن، جنهن کي ايلونگيشن (elongation) چئبو آهي. ALA (جنهن ۾ 18 ڪاربان ۽ 3 ڊبل بانڊ هوندا آهن) کي EPA (جنهن ۾ 20 ڪاربان ۽ 5 ڊبل بانڊ هوندا آهن) ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ ان EPA کي DHA (جنهن ۾ 22 ڪاربان ۽ 6 ڊبل بانڊ هوندا آهن) ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. وڏي عمر ۾، ALA مان ڊگهي چين وارا اوميگا-3 فيٽي ايسڊز ٺاهڻ جي صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي. هوا جي سامهون ايندڙ خوراڪ ۾، ان-سيچوريٽيڊ فيٽي ايسڊز آڪسائيڊيشن (oxidation) ۽ خراب ٿيڻ يا بوءِ پيدا ٿيڻ (rancidity) جي عمل کان متاثر ٿيڻ جو خطرو رکن ٿا.