اوميش ميينا
اوميش ميينا | |
|---|---|
| راجسٿان قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر | |
| عهدي ۾ 3 ڊسمبر 2023 | |
| کان اڳ | گوپي چند میينا |
| تڪ | اسپور |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | 25 August 1993 اسپور، ڊونگرپور، راجسٿان، ڀارت |
| قوميت | |
| سياسي پارٽي | ڀارت آديواسي پارٽي |
| زال/مڙس | ڪملा آهاري (ش. 2022) |
| ٻار | 1 |
| ماءُ پيءُ | رتن لال میینا (والد) گنگا دیوی (والدہ) |
| الما ميٽر | موهن لال سکھڑیا يونيورسٽي (بي اے، ايل ايل بي) |
| پيشو | سیاستدان |
اوميش ميينا (ڄم 25 آگسٽ 1993ع) هڪ هندستاني سياستدان آهي ۽ راجسٿان جي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي، جيڪو آسپور اسيمبلي تڪ مان ڀارت آديواسي پارٽي جو نمائندو آهي۔ هن 2023ع جي راجسٿان اسيمبلي چونڊ ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي جي اميدوار گوپي چند ميينا کي شڪست ڏئي 93,168 ووٽ حاصل ڪيا۔[1][2]
تعليم
[سنواريو]هن 2015ع ۾ موهن لال سُکڙيا يونيورسٽي مان بيچلر آف آرٽس (B.A.) ڪئي۔ بعد ۾، هن 2022ع ۾ ساڳئي يونيورسٽي مان بيچلر آف لا (LL.B.) مڪمل ڪئي۔[3]
سیاسی ڪیریئر
[سنواريو]2023ع ۾، هن آسپور اسيمبلي تڪ مان قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر طور ڪاميابي حاصل ڪئي، جتي هن گوپي چند ميينا کي 28,086 ووٽن جي وڏي برتري سان شڪست ڏني۔ ميينا اڳي 2018ع جي چونڊن ۾ به آسپور سيٽ تان حصو ورتو هو، پر 5,300 ووٽن تان هارائي ويو هو۔
پنهنجي ايم ايل اي جي حيثيت سان، ميينا هن وقت راجسٿان قانون ساز اسيمبلي جي اخلاقيات ڪميٽي جو ميمبر پڻ آهي۔[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Aspur Assembly Election Results 2023 Highlights: BADVP's Umesh Meena with 93168 defeats BJP's Gopichand". India Today (انگريزي ۾). 2023-12-03. 2024-05-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Aspur, Rajasthan Assembly Election Results 2023 Highlights: Aspur सीट पर Umesh Meena ने Gopichand कोहराया". आज तक (هندي ۾). 2023-12-03. 2024-05-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Rajasthan Legislative Assembly" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 2024-07-02 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "Rajasthan Legislative Assembly (Sr. No. 80)". assembly.rajasthan.gov.in. 2024-07-02 تي حاصل ڪيل.