مواد ڏانھن هلو

اول (ضامن)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ضمانت طور ڏنل ماڻهو يا عيوضي. اڳ ۾ حاڪمن جو اهو رواج هوندو هو ته ٻن ڌرين ۾ -جنگ- کان پوءِ هارائيندڙ ڌُر تي ڏنڊ وڌو ويندو هو ۽ ڏنڊ جي ادائگيءَ تائين -بادشاهه- جي ويجهي عزيز يا خاص مصاحب کي اولَ بڻايو ويندو هو.

سنڌ جي -تاريخ- ۾ ڪلهوڙن حاڪمن جي اولَ بنجڻ جو ذڪر اچي ٿو، مثال طور 1111ھ/ 1699ع ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي ۽ بروهين جي وچ ۾ -جنگ- لڳي، جنهن ۾ سخت لڙائيءَ کان پوءِ ڪلهوڙي حاڪم صلح ڪيو ۽ اولَ طور پنهنجن ٻن فرزندن ميان نورمحمد ۽ محمد خان کي، -بروهي- حاڪم وٽ ڇڏيائين، جيڪي ٻه سال ضمانت ۾ رهيا.

1153ھ ۾ نادرشاهه سنڌ ۾ تباهي مچائڻ کان پوءِ ميان نورمحمد تي ڏنڊ وجهي، سندس پٽن غلام شاهه ۽ محمد مرادياب کي -اول- بڻائي، -ايران- وٺي ويو. -ٽن- سالن کان پوءِ واعدي وفائي نه ٿيڻ سبب ميان نورمحمد جو ٽيون پٽ عطرخان به -اول- بڻجي -ايران- ويو. اُهي ٽيئي شهزادا بعد ۾ -احمد شاهه- درانيءَ جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ 1162ھ ڌاري واپس موٽيا.[1]

حوالا

[سنواريو]