اورنگي ٽائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اورنگي تعلقو کان چوريل)
اورنگي ٽائون
تعلقو
اورنگي ٽائون جون يونين ڪاؤنسلون
اورنگي ٽائون جون يونين ڪاؤنسلون
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اولھ ضلعو
تاريخ 14 آگسٽ 2001
يونين ڪائونسل
حڪومت
 • ناّظم عبدالحق
 • نائب ناظم شاهد بشير
 • ميونسپل آفيسر قمر الدين شيخ
پکيڙ
 • ڪل 60 ڪ.م2 (22 ميل2)
آبادي (2010)
 • ڪل 1,540,420

اورنگي ٽائون ڪراچي، سنڌ جي ٽائونن مان هڪ ٽائون آهي جنهن جي سرحد نيو ڪراچي تائين لڳي ٿي هن جون 13 يونين ڪائونسلون آھن.

آبادي[سنواريو]

هتي سنڌي، مهاجر، پنجابي ۽ پٺاڻ قومن جا ماڻھو رهن ٿا 1947 کان پوءِ هتي حجرت ڪري آيل مهاجر اچي وسيا جنهن جي ڪري هن علائقي جي آبادي ۾ اضافو ٿيو.اورنگي ٽائون جي ڪل آبادي 10,98,858 آهي.

تاريخ[سنواريو]

ڪراچيءَ جي صنعتي علائقي اورنگيءَ ۾ ڪراچيءَ کان منگھي پير طرف ستين ميل -پٿر- تي قبل از -تاريخ- ماڳ آهي. هي ڪو قديم نشان/دڙو آهي. -اورنگي- ۾ منگھي پير واري چشمي جي ڏکڻ- -اوڀر- ۾ بنجر ۽ وارياسي زمين جي ٽڪريءَ ۾ ڪي وٿون مثلاً چقمقي پھڻن جي اوزارن جا -ٽڪر-، ۽ ٺڪراٺو وغيره مليو آهي. جيڪو قبل از -تاريخ- سان واسطو رکي ٿو. اڻ چٽيل ٺڪراٺو ۽ ٿانوَ گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا. کوٽائيءَ کان سواءِ ھن ماڳ جي وقت جو تعين ڪرڻ ڏکيو آھي. هيءُ ماڳ هن وقت قبضن جو شڪار ٿي چڪو آهي. بنگله ديش ٺهڻ کانپوءِ اتان لڏي آيل بهارين کي وڏي پيماني تي -آباد- ڪيو ويو. هن وقت اها -پاڪستان- جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي آهي.[1]

ويجها علاقا[سنواريو]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

اورنگي ٽائون