اورنگزيب مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مغل دور جي هيءَ مسجد روھڙي شھر جي ڏکڻ ۽ روھڙي ريلوي -اسٽيشن- جي -اوڀر- ۾ آهي -جتي- مٽيءَ جي قلعي ۾ ھڪ مسجد جا ڊٺل آثار ڏسجن ٿا. جيڪا اورنگزيب مغل جي حڪم تي يعقوب علي شاهه رضوي ٺھرائي. -ٺٽي- جي جامع جيتري ئي ماپ 150x100 فوٽ ڊيگهه ويڪر ۾ آھي. ھن مسجد ۾2x2x1 جون ڪچيون سرون ڪتب آندل آھن. مسجد ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. اندريون حصو وري ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. مسجد جي مٿان 3 خوشنما گنبذ ھئا، جيڪي ڊھي چڪا آھن. خوبصورت محراب ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو. مسجد کي ڪل چار منارا ھئا، جيڪي به ڊھي ويا آھن. Ancient Sindh ۾ لکيل ھڪ مقالي ۾ محترمھ مستور بخاريءَ لکيو آھي ته 1980ع ۾ مسجد ڪافي ڊھي چڪي آھي. پر ھڪ حصو اڃا ڏسڻ جھڙو ھو، ڀتين تي ڇھن محرابن جا نشان، ۽ انھن جون ونگون سلامت ھيون، پر 1998ع ۾ مسجد کي وڏو نقصان ٿيو ھو. رھيل ڀت جو ڪجهه حصو به ڪري چڪو ھو. صرف ھڪ محراب ونگ سان موجود ھو.[1]

حوالا[سنواريو]