اورخان اول
ڏيک
اورخان اول (پيدائش: 6 فيبروري 1281ع — وفات: اپريل 1362ع)، جن کي اورخان غازي (عثماني: اورخان غازي) جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، سلطنت عثمانيه جا ٻيا حڪمران هئا. انهن کي سلطنت عثمانيه جو اصل باني به قرار ڏنو ويندو آهي، [1]جن 1326ع کان 1359ع تائين حڪومت ڪئي. انهن مغربي اناطوليه جو وڏو حصو عثماني سلطنت ۾ شامل ڪيو، جڏهن ته انهن جي دور ۾ پهريون ڀيرو ترڪ فوجون يورپ ۾ داخل ٿيون، جڏهن انهن جي پٽ سليمان پاشا 1354ع ۾ گيلي پولِي تي قبضو ڪيو. دنيا جي پهرين منظم فوج قرار ڏنل “يني چري” پڻ انهن جي دور ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ فتح ڪيل علائقن جي غير مسلم غلام نوجوانن کي اسلام قبول ڪرائي فوج ۾ شامل ڪيو ويندو هو. هو 1359ع ۾ 75 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. انهن 30 سال حڪومت ڪئي۔[2]