اوئيڪس پرڳڻو
اوئيڪس پرڳڻو Oecusse Exclave Oé-Cusse Ambeno Oecussi Ambeno | |||
|---|---|---|---|
ميونسپالٽي ۽ مخصوص انتظامي علائقو | |||
| |||
اوڀر تيمور جو نقشو جنھن ۾ اوئڪس پرڳڻو نمايان ڏيکاريل | |||
| Coordinates: 9°20′S 124°18′E / 9.333°S 124.300°E | |||
| صدر مقام | پانٽي ماڪاسر | ||
| حڪومت | |||
| • ايس اي آر اوئيڪس امبينو جو صدر | ارسينيو بانو (فريٽيلن) | ||
| ايراضي | |||
| • ڪل | 814 چورس ڪلوميٽر (314 چورس ميل) | ||
| ايراضي درجو | 8ون نمبر وڏي ميونسپالٽي | ||
| آبادي (2015 آدمشماري) | |||
| • ڪل | 68,913 | ||
| • درجو | 6th | ||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | ||
| • ڪثافتي درجو | چوٿون نمبر وڏي گھاٽي آبادي واري ميونسپالٽي | ||
| Households (2015 آدمشماري) | |||
| وقتي علائقو | UTC+09:00 (TLT) | ||
| ISO 3166 ڪوڊ | TL-OE | ||
| ايڇ ڊي آء (2017) | 0.553[1] medium · 13th | ||
اوئيڪس (انگريزي: Oecusse ) يا اوئيڪس پرڳڻو (انگريزي: Oecusse Exclave ) () اوئيڪس امبينو اوڀر تيمور جو مخصوص انتظامي علائقو يا اسپيشل ايڊمنسٽريٽو ريجن (ايس اَي آر) ۽ اوڀر تيمور جي ميونسپالٽي جو نالو آهي جيڪا تيمور ٻيٽ تي ملڪ کان الڳ ڪجهه فاصلي تي واقع پرڳڻو يا ايڪسڪليو آھي. ان جي ھڪ طرف سمنڊ ۽ باقي چوڌاري انڊونيشيا ملڪ واقع آهي. ان جو صدر مقام پانٽي ماڪاسر شھر آھي. ھن علائقي يا ميونسپالٽي جي پکيڙ 814 چورس ڪ ۾ (314 چورس ميل) آھي. 2015 جي آدمشماري مطابق ھتان جي آبادي 68,913 آھي جنھن ۾ وڏو تعداد اٽوني نسل جي ماڻھن جو آهي جيڪي 20,000 جي لڳ ڀڳ آهن. ھن علائقي جا 99.3 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذهب سان تعلق رکندڙ آھن باقي ۾ 0.6 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ مذهب سان تعلق رکن ٿا. 0.1 سيڪڙو ب۾ ھندو، مسلمان ۽ ٻيا شامل آهن
اوئيڪس ۽ امبينو يورپين جي آمد کان اڳ ھتي جون ٻہ ننڍڙيون بادشاھتون ھيون. يورپين جي بہ تيمور ٻيٽ تي آمد سڀ کان اول ان علائقي ۾ ٿي ھئي.
انتظامي ورهاست
[سنواريو]

اوئيڪس چئن انتظامي پوسٽن ۾ ورھايل آھي (جن کي پھرين ذيلي ضلعا سڏيندا ھئا):[2][3]
- نِتبَي
- ائَيسلو
- پانٽَي ماڪاسر (صدر مقام)
- پاسبَي
اھي چارئي انتظامي پوسٽون وري 18 سوڪوس (ڳوٺَ) ۾ ورھايل آھن
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 2018-09-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Oe-Cusse Suco Reports". Timor-Leste Ministry of Finance.
- ↑ سانچو:HD of East Timor