اوئيڪس پرڳڻو
| اوئيڪس پرڳڻو Oecusse Exclave Oé-Cusse Ambeno Oecussi Ambeno | |||
|---|---|---|---|
| ميونسپالٽي ۽ مخصوص انتظامي علائقو | |||
| |||
اوڀر تيمور جو نقشو جنھن ۾ اوئڪس پرڳڻو نمايان ڏيکاريل | |||
| متناسقات: 9°20′S 124°18′E / 9.333°S 124.300°E | |||
| صدر مقام | پانٽي ماڪاسر | ||
| حڪومت | |||
| • ايس اي آر اوئيڪس امبينو جو صدر | ارسينيو بانو (فريٽيلن) | ||
| پکيڙ | |||
| • ڪل | 814 ڪ.م2 (314 ميل2) | ||
| پکيڙ ۾ درجو | 8ون نمبر وڏي ميونسپالٽي | ||
اوئيڪس (انگريزي: Oecusse ) يا اوئيڪس پرڳڻو (انگريزي: Oecusse Exclave ) () اوئيڪس امبينو اوڀر تيمور جو مخصوص انتظامي علائقو يا اسپيشل ايڊمنسٽريٽو ريجن (ايس اَي آر) ۽ اوڀر تيمور جي ميونسپالٽي جو نالو آهي جيڪا تيمور ٻيٽ تي ملڪ کان الڳ ڪجهه فاصلي تي واقع پرڳڻو يا ايڪسڪليو آھي. ان جي ھڪ طرف سمنڊ ۽ باقي چوڌاري انڊونيشيا ملڪ واقع آهي. ان جو صدر مقام پانٽي ماڪاسر شھر آھي. ھن علائقي يا ميونسپالٽي جي پکيڙ 814 چورس ڪ ۾ (314 چورس ميل) آھي. 2015 جي آدمشماري مطابق ھتان جي آبادي 68,913 آھي جنھن ۾ وڏو تعداد اٽوني نسل جي ماڻھن جو آهي جيڪي 20,000 جي لڳ ڀڳ آهن. ھن علائقي جا 99.3 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذهب سان تعلق رکندڙ آھن باقي ۾ 0.6 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ مذهب سان تعلق رکن ٿا. 0.1 سيڪڙو ب۾ ھندو، مسلمان ۽ ٻيا شامل آهن
اوئيڪس ۽ امبينو يورپين جي آمد کان اڳ ھتي جون ٻہ ننڍڙيون بادشاھتون ھيون. يورپين جي بہ تيمور ٻيٽ تي آمد سڀ کان اول ان علائقي ۾ ٿي ھئي.
انتظامي ورهاست
[سنواريو]

اوئيڪس چئن انتظامي پوسٽن ۾ ورھايل آھي (جن کي پھرين ذيلي ضلعا سڏيندا ھئا):[1][2]
- نِتبَي
- ائَيسلو
- پانٽَي ماڪاسر (صدر مقام)
- پاسبَي
اھي چارئي انتظامي پوسٽون وري 18 سوڪوس (ڳوٺَ) ۾ ورھايل آھن
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Oe-Cusse Suco Reports", Timor-Leste Ministry of Finance۔
- ↑ سانچو:HD of East Timor