مواد ڏانھن هلو

انگھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاٺيءَ جي نڪتل کُتَ. چهنبياري ڪاٺي، جيڪا ڪپڙي وغيره کي لڳي ۽ اُن کي ڦاڙي وجهي يا اٽڪي پوي. وڻ مان وڍيل ٽاريءَ جو باقي بچيل ٽڪرو، جيڪو وڻ جي ڏار ۾ بيٺو هجي. قاصائي ڪا ڦنڊر يا -ٻڪري- وڻ جي هيٺان ڪُهندو ۽ وڍيل عضون يا گوشت کي ٽنگڻ لاءِ وڻ جي نڪتل کُتن يا لوهه جي ڪُنڍن ۾ ٽنگيندو.

سنڌ جي ڳوٺن ۾ اِهو رواج آهي ته ڪو ماڻهو ڦنڊر يا -ٻڪري- ڪُهي، -ان- جو گوشت وڪڻندو ته ڳوٺ کان ٻاهر وڻ جي انگهن ۾ ڪٺل جانور جا عضوا ٽنگي ڇڏيندو. پوءِ اُتي -تڏو- وڇائي، -ان- تي ڪاٺيءَ جو -ٽڪر- يا اَڏِي رکي گوشت ٽنگي ڇڏيندو.[1]

حوالا

[سنواريو]