انڙ انڙائي
ڏيک
ڄام مهڙ ۽ ڄام مناهي، سنڌ جي سمن مان پهريان مک سردار هئا، -جن- سومرن جي دور جي وچ ڌاري ڪڇ ۾ سمن جي طاقت جو بنياد وڌو. ڪڇ جي روايت موجب ڄام مهڙ ۽ ڄام مناهي پهريان سما سردار هئا، جي سنڌ مان آيا ۽ اچي ڪڇ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون. -انڙ- انڙائيءَ جي ڳالهه انهيءَ دور سان تعلق رکي ٿي ۽ ڪڇ جي روايتن سان گهڻي قدر ملي ٿي. البته ڪڇ جي روايتن موجب مهڙ ۽ مناهي پنهنجي -ڀاءُ- -انڙ- کي مارايو، انهيءَ ڪري کين سنڌ ڇڏڻي پئي. مگر انهيءَ روايت جي تصديق نه ٿي ٿئي. -ان- کانسواءِ سمن جي مختلف شجرن ۾ پڻ -انڙ- جو اولاد ڄاڻايل آهي. جنهن مان اندازو آهي ته -انڙ- سنڌ ۾ ڄام ٿي رهيو ۽ مهڙ ۽ مناهي وڃي ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي.[1]