انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
ڏيک
هن نالي سان سن 1910ع ۾ شڪارپور مان هڪ هفتيوار -اخبار- کيئل رام ايلداس -آهوجا- جي ادارت ۾ -انگريزي- ۽ سنڌيءَ ۾ -جاري- ٿي. هي -اخبار- ”لڪشمي پريس“ شڪارپور ۾ ڇپجندي هئي. 1914ع کان هن -اخبار- کي ٽيڪچند ويرومل گوڪلاڻيءَ پنهنجي ادارت ۾ هلايو، اهڙيءَ طرح وري 1915ع کان وشنداس پنجومل -ڀاٽيا- -ايڊيٽر- ٿيو. شروع ۾ هن -اخبار- جي پاليسي واپار کي هٿي ڏيڻ هئي، پر پوءِ پهرين عظيم -جنگ- جي ڪري ملڪي ۽ عالمي سياست تي خبرون ۽ مضمون شايع ڪندي رهي. -ان- جي ڪجهه سالن کانپوءِ هي -اخبار- -بند- ٿي وئي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-09 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-14 تي حاصل ڪيل