انڊونيشيا جي تاريخ
انڊونيشيا جي تاريخ ان جي جاگرافيائي بيهڪ، قدرتي وسيلن، انساني لڏپلاڻ ۽ رابطن جي سلسلي، جنگين ۽ فتوحات، توڙي واپار، معيشت ۽ سياست ذريعي جڙي ۽ سنوارجي آهي. انڊونيشيا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ اوشيانا (Oceania) ۾ خط استوا (Equator) سان گڏ ڦهليل 17,000 کان وڌيڪ ٻيٽن تي مشتمل هڪ ملڪ آهي. ملڪ جي سامونڊي رستن واري اهم اسٽريٽجڪ بيهڪ ٻيٽن جي وچ ۾ ۽ بين الاقوامي واپار کي هٿي ڏني؛ ان واپار ئي اڳتي هلي انڊونيشيا جي تاريخ کي بنيادي طور تي تشڪيل ڏنو. انڊونيشيا جو علائقو مختلف لڏپلاڻن ذريعي آيل ماڻهن جو مسڪن رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ثقافتن، نسلن ۽ ٻولين جو تنوع پيدا ٿيو آهي. ٻيٽن جي ان مجموعي جي جاگرافيائي بناوٽ ۽ موسم زراعت، واپار ۽ رياستن جي قيام تي وڏو اثر وڌو. انڊونيشيا رياست جون حدون 20هين صديءَ دوران قائم ”ڊچ ايسٽ انڊيز“ (Dutch East Indies) جي حدن سان مطابقت رکن ٿيون.