سنڌو لکت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(انڊس اسڪرپٽ کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌو لکت
Indus script
Indus seal impression.jpg
قسم
سمجه نه ايندڙ ڪنجھي واري زماني جي لکت
ٻوليون نامعلوم
زمانو
3500–1900 قبل مسيح[1][2][3]
لکت پاسو ساڄي کان کاٻو
آئي ايس او 15924 Inds, 610چار اکرن وارا آئي ايس او 15924 رسم الخط

سنڌو لکت (انگريزي ٻولي: Indus script)، نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه،[4] ڪيترن ئي ڪوشش باجود[5] ان لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي.[4]

هڙاپا لکت واري پهرين مُهر جي اشاعت 1875ع ۾ اليگزينڊر ڪننگھام جي چٽيل عڪس ذريعي ڪئي وئي.[6] ان کان پوءِ 4 هزار کان وڌيڪ لکت واريون مُهرون لڌيون ويون، جن مان ڪيترا ميسوپوٽيميا جا همعصر آهن. 1970ع ڌاري ايراوٿم مهاديون 3700 مُهر ۽ 417 نشانين کي مخصوص انداز ۾ ترتيب ڏئي پيش ڪيو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته عام اکرن ۾ اڪثر 5 نشانيون آهن، وڏي سٽ صرف 14 نشانين تي مشتمل آهي.[7] هن ئي سنڌو لکت متعلق ٻڌايو ته اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندڙ رسم الخط هئي.[8]

ڪجه عالم، جي.آر هنٽر،[9] ايس. آر. رائو، جوهان نيوبيري،[10] ڪرشنا رائو[11] ۽ سڀاش ڪاڪ[12] جي دليل مطابق سنڌو لکت، برھمي رسم الخط سان ملندڙ جهلندڙ آهي. پر ٻيا ماهر جيئن ايراوٿم مهاديون، ڪامل زوئليبيل، آسڪو پارپولا جي مطابق سنڌو لکت دراوڙي ٻولين جي نسل مان آهي.[13][14] ريمنڊ الچين مسلسل ان خيال جو حامي آهي ته[15][16] ڀل ڪيترن جي خيال مطابق برھمي مٿان، آرامي لکت جو اثر هجي،[17] پر برهمڻي لکت مٿان ڪجه سنڌو لکت جو اثر پڻ آهي.

مجموعا

مُهرن جو مجموعو

هن لکت جون نشانيون، شروعاتي هڙاپا ۽ سنڌو تهذيت مان مليون، جنهن جي باري ۾ اندازو آهي ته 35 سو قبل مسيح جون آهن.[18][19] پُختي هڙاپا وارو دور، 2600 قبل مسيح کان 1900 قبل مسيح ۾ سنڌو لکت جون نشانيون سڌن ۽ چوڪنڊن مُهرن، اوزارن ۽ ٿانون ۾ لڌيون ويون. اهي نشانيون ڪيترن ئي قسمن سان لکيل آهن، جيئن نقش ٿيل، گھڙيل وغيره، لکت پڻ ڪيترن ئي قسمن جي شين ذريعي ڪيل آهي، جيئن پٿر، هڏن، ٽامي، چاندي ۽ سون وغيره سان.[20] اڪثر جانور، ڍڳن، هاٿين، گينڊن، مينهنن ۽ ڏندڪٿائي يونيڪارن جون نشايون اکرن سان گڏ ڏنل آهن جيئن اڻپڙهيل ماڻهو سمجهي سگھن ته اها مُهر اصل ڪٿي جي آهي.[21]

هڙاپا جو آخري دور

1900 قبل مسيح کان پوءِ، هڙاپا جي پُختي دور جي آخر ۾، نشانين جو باترتيب استعمال ختم ٿي ويو. 1100 قبل مسيح ۾، هڙاپا ۾ نشانين جي ڪجهه استعمال جون شاهديون ملن ٿيون، اهو دور هندوستان ۾ لوهه واري دور جي شروعات هو. گجرات جي بيت دورڪا سمنڊ ڪناري کوٽائي مان پراڻي سنڌو تهذيب جون نشانيون مليون آهن، جنهن ۾ هڪ ٽن مٿن وارو جانور، مٽي جي ٿانءُ تي چٽيل نشانيون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آڳاٽي هڙاپا جي لکت آهي، اتان هٿ آيل ٿانءُ 1528 قبل مسيح جا آهن، ان لاءِ اهو دليل ڏنو وڃي پيو ته آڳاٽي هڙاپا جي ٻولي 1500 قبل مسيح تائين جاري هئي.[22]

خصوصيتون

اکر گھڻي ڀاڳي تصويري صورت ۾ آهن ۽ ڪجهه خيالي نشانيون پڻ آهن. لکت گھڻي ڀاڱي ساڄي کان کاٻي طرف لکيل آهي، ڇو ته ڪيترن ئي جاين تي اکر کاٻي پاسي گھٽ وڌ ٿيل آهن، ان لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته لکڻي ساڄي پاسي ٿيندي هئي ۽ جاءِ نه بچڻ جي صورت ۾ کاپي پاسي جڳهه ڇڏي ڏبي هئي. نشانين جو تعداد 400 آهي، اهو لکڻي لاءِ تمام گھڻيون نشانيون آهن، ان لاءِ هن ٻولي کي لوگو گرام تصور ڪيو وڃي ٿو.

ڀاڃ متعلق سوال

هندوستان جي ميوزم ۾ رکيل، سنڌو تهذيب مان مليل هڪ سڱي (يونيڪارن) جي نشاني

مائيڪل وٽزل ۽اسٽيوو فارمر جي مطابق سنڌو جي ڪا لکت ناهي، پر اهي صرف خاندانن، خدائن، قبيلن ۽ مذهبي نشانيون آهن.[23] 2004ع جي هڪ مضمون ۾ فارمر، سپروٽ ۽ وٽزل سنڌو لکت متعلق ڪيترائي دليل پيش ڪيا ته هي ڪا لکت سرشتو ناهي. هنن ڄاڻيو ته ڪي به اکر لکت ۾ ٻيهر استعمال نٿا ٿين، جيئن عام ٻولين ۾ ٿين ٿا.[24]

آسڪو پارپولا، فارمر، سپروٽ ۽ وٽزل جي ٿيسزز جو 2005ع ۾ جائزو وٺندي چيو ته اهي دليل تمام ڪمزور آهن.[25] هن چيني ٻولي جي ڪيترن ئي اکرن (نشانين) جي باري ۾ ٻڌايو جيڪي تمام ٿوري مقدار ۾ استعمال ٿين ٿا. هن دليل کي رد ڪندي اهو چيو ته جيئن ته مُهر تمام ننڍا آهن ان ۾ اکرن جو ورجاءُ ممڪن ناهي.[26]

2009ع[27] جي هڪ تحقيقي لکڻي ۾ راجيش پي. اين. رائو، ايراوٿم مهاديون ۽ ٻين سائنس جرنل ۾ لکيو، جنهن ۾ هنن ان خيال کي رد ڪيو ته سنڌو لکت، لکت جو سرشتو ناهي، هن لکڻي جو تت هو ته سنڌو لکت سميري لکت جيان لوگو گرام يا رگويد جي سنسڪرت سان ملندڙ لکت آهي. تنهن هوندي هنن محتاط ٿي اها دعوا نه ڪئي ته ٻين ٻولين سان ملڻ جي باوجود هي لکت لکڻي سرشتو آهي يا نه.[28] جواب ۾ سپروٽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايراوٿم مهاديون ۽ ٻين جي لکڻي ۾ اسان جي موقف کي درست سمجهي جواب نه ڏنو ويو، سندس خيال موجب ان لکڻين ۾ نظرياتي کوٽ هئي. سپروٽ چيو ته راجيش پي. اين. رائو، ايراوٿم مهاديون ۽ ٻين جي ماڊل کي جيڪڏهن ميسوپوٽيميا جي مذهبي نشانن جيڪي لکت وارو سرشتو ناهي، ان سان لاڳو ڪجي ته نتيجو سنڌولکت جهڙو ايندو. ايراوٿم مهاديون ۽ سپروٽ جا هڪ ٻي کي جواب 2010ع ۾ ڇپيا. [29]

ڀاڃ جون ڪوششون

ڍولاويرا مان مليل لکت جا 10 اکر
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو هڙاپن لکت

سنڌو لکت جي ڀاڃ بابت ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون ويون، پر انهن تي سڀ عالم متفق ناهن.[30] هيٺ ڏنل مسئلا لکت جي ڀاڃ ۾ وڏيون رڪاوٽون تصور ڪيون وينديون آهن:

  • لکت جي سڌ ناهي پئي، جيتوڻڪ رگويد ۾ آيل 300 ڌاريان لفظ صوتي ڀيٽ لاءِ سٺو شروعاتي نقطو آهن.[31][32]
  • لکڻين ۾ سرسري 5 نشانيون آيل آهن.[33] صرف هڪ لکت اهڙي آهي جنهن ۾ 26 نشانيون آيل آهن. پر تازي ڳولا مان ملندڙ هڪ ٽامي جي مُهر تي 34 نشانيون آيل آهن، جن لاءِ تصور ڪيو وڃي ٿو ته اهي پُختي هڙاپا واري دور جون آهن.[34]
  • ڪا به گھڻ لساني (روزيٽا پٿر جهڙي) لکت نه ملي سگھي آهي.

هي موضوع ڪيترن ئي ماهر تحقيقدانن ۾ مشهور آهي، ۽ ڀاڃ جون ڪيتريون ئي دعوائون پڻ ڪيون ويون آهن.[35]

دراوڙي مفروضو

روسي عالم يوري نوروزوف ڪمپيوٽر ذريعي جائزو وٺي تجويز ڪيو ته سمجهه نه ايندڙ لکت دراوڙي ٻولين ۾ مان آهي.[36] اها تجويز هينري هيرس جي ڪم جي پيروري هئي،جيڪو پڻ ان خيال جو هو ته سنڌو لکت دراوڙي ٻولين مان هڪ آهي.[37]

فن لينڊ جي عالم آسڪو پارپولا مطابق سنڌو ۽ هڙاپا لکتون، دراوڙي ٻولين جي خاندان مان آهن.[38] پارپولا 1960 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ ۽ سويت يونين جي ماهر نوروزوف ڪيترن ئي مُهرن کي پڙهڻ جي دعوا ڪئي. ڪيترائي ماڻهو هيرس ۽ نوروزوف جي ڀاڃ سان متفق آهن. ان ڳالهه جي پڪ تڏهن ٿي جڏهن هڙاپا مان مليل هڪ مُهر ۾ مڇي ۽ تارو چٽيل هو. ۽ دراوڙي ٻولي ۾ مٿي ۽ تاري لاءِ هڪ ئي لفظ ”من” استعمال ٿيندو آهي.[39] 1994ع تائين پارپولا جو ڪيل ڪم سندس ڪتاب سنڌ لکت جي ڀاڃ (انگريزي ٻولي: Deciphering the Indus Script) ۾ آيل آهي.[40]

ايراوٿم مهاديون، جيڪو پڻ دروڙي مفروضي جو حامي آهي، ان مطابق ”اميد آهي ته اسان دواڙي، هڙاپن ۽ ڏکڻ انڊيا جي دراوڙي ٻولين جو هڪ ٻي سان ڳانڍاپو ڳولي وٺنداسين. اهو هڪ مفروضو آهي [...] پر مونکي يقين ناهي ته آئون سنڌو لکت کي سمجهي سگهندس ۽ مونکي ان تي افسوس به ناهي“.[41] مهاديون جي مطابق، تامل ناڊو جي علائقي ميئيلاڊوٿورائي مان ملندڙ هڪ پٿر ۾ اهي ئي نشانيون آهن جيڪي سنڌو لکت ۾ آهن. هن جي مطابق هڙاپا جي پڇاڙي ۽ ڏکڻ هندوستان ۾ هڪ ئي ٻولي رائج هئي.[42][43] مئي 2017ع ۾ ٽامل ناڊو مان ملندڙ ڀانءُ جن ۾ تير جا نشان هئا، انهن کي موهن جي ڌڙي مان مليل ساڳي قسم جي نشانين جي يادگيري قرار ڏنو وڃي ٿو.[44]

سنسڪرتي مفروضو

ايس. آر. رائو سنڌو لکت جي ڀاڃ جو دعويدار آهي، هن لکت کي فونيقي لپي سان ڀيٽائي ۽ مختلف نشانين کي آواز پڻ ڏنا. هن جي ڀاڃ جو نتيجو سنسڪرت جيان آهن. ان ڀاڃ ۾ انگن جا آواز سنسڪرت ايڪا، ترا، چاتوس، پانتا، هاپتا/سپتا، داسا، داوداسا، ساتا (1، 3، 4، 5، 10، 12، 100) جهڙا آهن.[45] هن جي مطابق نشانين جي بناوٽ فونيڪي اکرن جي بناوٽ جهڙي آهي. فونيڪي لکت هراپا جي لکت مان ارتقا ڪئي آهي، هي ان دعوا جي پڻ نفي آهي جنهن موجب فونيڪي لکت سينائي لکت مان نڪتل آهي.[46]

سنڌو ۽ برھمي لکت ۾ ڳانڊاپي تي ڪيترائي ماهر متفق آهن. ٻنهي لکتن جون ڪيتريون ئي نشانيون هڪ جهڙيون آهن. گريگوري پاسل پنهنجي ڪتاب (Indus Age: The Writing System) ۾ تجويز ڏني ته سڀاش ڪاڪ جو اهو خيال درست آهي ته سنڌو لکت جون برھمي سان هڪجهڙايون آهن.[47][48][49]

متفرق مفروضا

سنڌو لکت بابت ڪيترائي مفروضا موجود آهن، انهن مان هڪ مفروضو اهو آهي ته هي لکت انڊو-آريائي ٻولين سان تعلق رکي ٿي، پر ان مفروضي سان ڪيترائي مسئلا آهن. جيئن هندوستاني-يورپي تهذيب سان تعلق رکندڙ ماڻهو حجرت پسند هئا ۽ انهن جي حجرت ۾ گھوڙن جو وڏو ڪردار هو، پر ننڍي کنڊ ۾ 2000 قبل مسيع کان پهرين ڪنهن به مُهر تي گھوڙي جو نشان نه مليو، ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اها لکت آريائي نه آهي، پر انهن کان اڳ جي آهي.

ٻي مفروضي موجب، سنڌو لکت جو تعلق منڊا ٻولين جي خاندان مان آهي. ٻولين جو اهو خاندان اوڀرندي هندوستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڳالهائي ويندي آهي. پر هن مفروضي سان پڻ اهو مسئلو آهي ته جيڪي لفظ منڊا ٻولي ۾ آهن انهن ۾ سنڌو لکت يا هڙاپا جو ڪو عڪس نظر نٿو اچي.[50]

عالمن سنڌو نشانين کي قديم فارس جي ٻولي ايلامي سان ڀيٽين ٿا، ڇو ته ٻئي ٻوليون هڪ ٻي سان هم عصر آهن. علمن کي ايلامي ٻولي هڪ گھڻ لساني مجسمي مان ملي جيڪو فرانس جي لوف ميوزم ۾ رکيل آهي. ان مجسمي ۾ هڪ ڄاتل ٻولي اڪدي ۾ لکيل اکر آهن ٻيو ايلامي ۾. هن قديم ٻولي کي سنڌو لکت سان ڀيٽائڻ سان ڪيتريون ئي هڪجهڙايون مليون آهن.[51]

ڍولاويرا مان مليل بورڊ ڊگھو آهي، جنهن جي لکڻي ۾ هڪ نشاني جو چار دفعا ورجاءُ ٿيو آهي، نشانين جي ورجاءُ سبب ماهر ان نتيجي تي پهتل آهن، ته سنڌو جون نشانيون اصل ۾ لکت سرشتو آهي.

انڪوڊنگ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو انڊس اسڪرپٽ فونٽ

سنڌو لکت کي آئي ايس او 15924 جو معياري ڪوڊ Inds جاري ڪيو ويو آهي. لکت کي يونيڪوڊ جي گھڻ لساني ضمني ٻولين ۾ داخل ڪرڻ لاءِ 1999ع ۾ پيش ڪيو ويو، پر اڃان تائين ان کي قبول نه ڪيو ويو.[52] 2017ع ۾ موهن جو دڙو عالمي ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻولي جي ماهرن امر فياض ٻرڙو ۽ شبير ڪنڀار آگاهي ڏني ته سنڌو لکت جي 1839 نشانين لاءِ ڪمپيوٽر اکر (انگريزي ٻولي: Fonts) جوڙيا ويا آهن.[53][54]

حوالا

  1. "'Earliest writing' found". Retrieved 2 September 2014. 
  2. "Evidence for Indus script dated to ca. 3500 BCE". Retrieved 2 September 2014. 
  3. Edwin Bryant. The Quest for the Origins of Vedic Culture: The Indo-Aryan Migration Debate. Oxford University. p. 178. 
  4. 4.0 4.1 Locklear, Mallory (January 25, 2017). "Science: Machine learning could finally crack the 4,000-year-old Indus script". The Verge. Manhattan, New York, NY: Vox Media. Retrieved January 25, 2017. After a century of failing to crack an ancient script, linguists turn to machines. 
  5. (Possehl, 1996)
  6. Cunningham, Alexander (1875). "Harappa". Archaeological Survey of India: Report for the Years 1872-3 5: 105–108. 
  7. Ancient civilization_ Cracking the Indus script _ Nature News & Comment
  8. "Write signs for Indus script?". Nature India. 2009-05-31. Retrieved 2009-06-01. 
  9. Hunter, G.R. (1934), The Script of Harappa and Mohenjodaro and Its Connection with Other Scripts, Studies in the history of culture, London:K. Paul, Trench, Trubner 
  10. "Indus script monographs - Volumes 1-7", p.10-20, 1980, John Newberry
  11. "An Encyclopaedia of Indian Archaeology", Amalananda Ghosh, p.362, 1990
  12. Patel, P.G., Pandey, P., Rajgor, D. (2007) The Indic Scripts: Palaeographic and Linguistic Perspectives. D.K. Printworld.
  13. Rahman, Tariq. "Peoples and languages in pre-islamic Indus valley". Archived from the original on 2008-05-09. Retrieved 2008-11-20. most scholars have taken the 'Dravidian hypothesis' seriously 
  14. The Indus Script
  15. Goody, Jack (1987), The Interface Between the Written and the Oral, Cambridge University Press, pp. 301–302 (note 4) 
  16. Allchin, F.Raymond; Erdosy, George (1995), The Archaeology of Early Historic South Asia: The Emergence of Cities and States, Cambridge University Press, p. 336 
  17. Salomon, Richard, On The Origin Of The Early Indian Scripts: A Review Article. Journal of the American Oriental Society 115.2 (1995), 271–279 
  18. Meadow, Richard H.; Kenoyer, Jonathan Mark (2001-07-02). "Excavations at Harappa 2000–2001: New insights on Chronology and City Organization". In Jarrige, C.; Lefèvre, V. South Asian Archaeology 2001. Paris: Collège de France. ISBN 978-2-8653830-1-6. Retrieved 2013-05-27. 
  19. Whitehouse, David (1999-05-04). "'Earliest writing' found". BBC News Online (BBC). Archived from the original on 2014-08-21. https://www.webcitation.org/6RztiugCy?url=http://news.bbc.co.uk/2/hi/science/nature/334517.stm. Retrieved 2014-08-21. 
  20. Kenoyer, J. Mark; Meadow, Richard H. (2010). "Inscribed Objects from Harappa Excavations 1986-2007" (PDF). In Parpola, Asko; Pande, B.M.; Koskikallio, Petteri. Corpus of Indus Seals and Inscriptions. Volume 3: New material, untraced objects, and collections outside India and Pakistan - Part 1: Mohenjo-daro and Harappa. Suomalainen Tiedeakatemia. p. xlviii. Archived from the original (PDF) on 2011-06-30. 
  21. Themes in History, Part-I. NCERT. p. 15. 
  22. Sullivan, S. M. (2011) Indus Script Dictionary, page viii
  23. Farmer et al. (2004)
  24. Lawler, Andrew (2004). "The Indus script: Write or wrong?". Science 306: 2026–2029. doi:10.1126/science.306.5704.2026. 
  25. (Parpola, 2005, p. 37)
  26. (Parpola, 2008).
  27. Rao, R.P.N. (6 May 2009). "Entropic Evidence for Linguistic Structure in the Indus Script". Science 324: 1165. doi:10.1126/science.1170391. PMID 19389998. http://www.cs.washington.edu/homes/rao/ScienceIndus.pdf. 
  28. Rao, R.P.N. (April 2010). "Probabilistic Analysis of an Ancient Undeciphered Script". IEEE Computer 43 (4): 76–80. doi:10.1109/mc.2010.112. http://www.cs.washington.edu/homes/rao/ieeeIndus.pdf. 
  29. Computational Linguistics, Volume 36, Issue 4, December 2010.
  30. Gregory L. Possehl. The Indus Civilization: A Contemporary Perspective. Rowman Altamira. p. 136. https://books.google.com/books?id=pmAuAsi4ePIC&pg=PA136&dq=. 
  31. FBJ Kuiper, Aryans in the Rigveda, Amsterdam/Atlanta 1991
  32. M. Witzel underlines the prefixing nature of these words and calls them Para-Munda, a language related to but not belonging to Proto-Munda; see: Witzel, M. Substrate Languages in Old Indo-Aryan (Ṛgvedic, Middle and Late Vedic), EJVS Vol. 5,1, 1999, 1-67
  33. Longest Indus inscription
  34. Shinde, V. & Willis, R.J., (2014). A New Type of Inscribed Copper Plate from Indus Valley (Harappan) Civilisation . Ancient Asia . 5 , p . Art. 1 . DOI: http://doi.org/10.5334/aa.12317
  35. see e.g. Egbert Richter and N. S. Rajaram for examples.
  36. (Knorozov 1965)
  37. (Heras, 1953)
  38. Edwin Bryant. The Quest for the Origins of Vedic Culture: The Indo-Aryan Migration Debate. Oxford. p. 183. ISBN 9780195169478. 
  39. "Indus Script". ancient scripts.com. 
  40. (Parpola, 1994)
  41. Interview at Harrappa.com
  42. (Subramanium 2006; see also A Note on the Muruku Sign of the Indus Script in light of the Mayiladuthurai Stone Axe Discovery by I. Mahadevan (2006)
  43. "Significance of Mayiladuthurai find - The Hindu". May 1, 2006. 
  44. Subramaniam, T. S. (May 1, 2006). "From Indus Valley to coastal Tamil Nadu". The Hindu (Chennai, India). http://www.hindu.com/2008/05/03/stories/2008050353942200.htm. Retrieved 2008-05-23. 
  45. Sreedharan (2007). A Manual of Historical Research Methodology. South Indian Studies. p. 268. 
  46. Robinson, Andrew. Lost Languages: The Enigma of the World's Undeciphered Scripts. 2002
  47. Kak, S. (1988). A frequency analysis of the Indus script. Cryptologia 12: 129-143. http://www.ece.lsu.edu/kak/IndusFreqAnalysis.pdf
  48. Kak, S. (1990). Indus and Brahmi - further connections, Cryptologia 14: 169-183.
  49. Kak, Subhash (1994), "The evolution of early writing in India" (PDF), Indian Journal of History of Science 28: 375–388 
  50. "Indus Script". ancientscripts.com. 
  51. Redalia, Suzanne. "Cracking the Indus Script: A Potential Breakthrough". swarajyamag.com. 
  52. Everson 1999 and http://unicode.org/pending/pending.html
  53. https://www.thenews.com.pk/print/188398-Revisiting-Mohenjodaro
  54. https://www.mohenjodaroonline.net/index.php/indus-script