انٽراڊو (ويسٽ ڪارپوريشن)
| اڳوڻو نالو | ويسٽ ڪارپوريشن West Corporation |
|---|---|
| ڪمپني جو قسم | نجي ڪمپني[1] |
| صنعت |
|
| قائم ٿيل | 1986 |
| باني |
|
| ھيڊڪوارٽر | اوماها، نبراسڪا، |
اھم ماڻھو |
|
| آمدني | منافعو 2.6 بلين آمريڪي ڊالر (2012)[2] |
| مالڪ | اپولو گلوبل مئنيجمينٽ |
ملازمن جو تعداد | 9,659 (2018)[3] |
| ويب سائيٽ | intrado |
انٽراڊو (Intrado)، اڳوڻو نالو ويسٽ ڪارپوريشن (West Corporation)، هڪ آمريڪي ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني آهي. ان کي پرائيويٽ ايڪوٽي فرم اپولو گلوبل مئنيجمينٽ پاران 11 آڪٽوبر 2017ع تي خريد ڪيو ويو.[1][4]
انٽراڊو کي سال2019ع ۾ پنجن مکيه حصن: ڪلائوڊ سهڪار، حفاظت (911 آپريشنز سميت)، انٽرپرائز رابطا، ڊجيٽل ميڊيا (اسٽريمنگ آپريشنز سميت) ۽ صحت ۽ تندرستي (صحت جي انشورنس ۽ ڪسٽمر سپورٽ سميت) ٻيهر منظم ڪيو ويو آهي. ان پنهنجي ٽيلي مارڪيٽنگ برانڊ کي ويسٽ روينيو جنريشن سروسز (WRGS) ڏانهن منتقل ڪيو. سال 2019ع ۾ اپولو گلوبل مئنيجمينٽ جي ملڪيت پڻ هئي.
تاريخ
[سنواريو]گيري ۽ ميري ويسٽ 1978ع ۾ آمريڪا جي واٽس مارڪيٽنگ جي گڏيل بنياد رکي. جوڙي سال 1985ع ۾ ڪمپني ڇڏي ڏني ۽ ميري ويسٽ سال 1986ع ۾ ٽرائي ايڊن سان گڏ ويسٽ ٽيلي سروسز قائم ڪئي. گيري ويسٽ هڪ سال پوء چيئرمين طور ويسٽ ٽيلي سروسز ۾ شامل ٿيو.[5]
پهرين ڏهاڪي دوران، ويسٽ ٽيلي سروسز هزارين ملازمن کي نوڪري تي رکيو ۽ خالص آمدني ۾ 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ پهچي ويو. ويسٽ ٽيلي سروسز پنهنجي شين کي حصول جي هڪ سلسلي ذريعي وڌايو. جنهن ۾ ٽيل مارڪ سيلز انڪارپور، انٽرڪال، ٽيليووڪس ۽ هائپر ڪيوب شامل آهن.[5]
نومبر 1996ع ۾، ڪارپوريشن 2,000 ملازمن سان پبلڪ طور تي ظاهر ٿي.
2002ع ۾، ويسٽ ٽيل مارڪ سيلز، ڊڪوٽا ڊائريڪٽ ۽ اٽينشن (Attention LLC) حاصل ڪئي. ايندڙ سال، ويسٽ ڪانفرنسنگ ڪمپني انٽرڪال ۽ ڪانفرنس ڪال ڊاٽ ڪام حاصل ڪئي.[6]
2006ع ۾ ڪارپوريشن جيڪي سال 1996ع کان عوامي طور تي واپار ڪئي هئي، ٿامس ايڇ. لي پارٽنرز ۽ ڪواڊرينگل گروپ جي اڳواڻي ۾ سيڙپڪار گروپن جي اسپانسرشپ هيٺ ٻيهر سرمائيداري ڪئي. گيري ۽ ميري ويسٽ ڪمپني ۾ 25 سيڪڙو حصو برقرار رکيو.
جنوري 2015ع ۾، ڪارپوريشن، پنهنجي ايجنٽ سروسز ڪاروبار کي الوريڪا کي وڪڻڻ جو اعلان ڪيو. وڪرو مارچ 2015ع جي شروعات ۾ بند ٿي ويو.[7]
آڪٽوبر 2017ع ۾، ڪارپوريشن کي اپولو گلوبل مئنيجمينٽ، نيو يارڪ تي ٻڌل هڪ خانگي ايڪوٽي فرم، طرفان 5.2 بلين ڊالر ۾ خريد ڪيو ويو.[1]
31 آگسٽ 2018ع تي، ويسٽ ڪارپوريشن هڪ وڏو معاهدو وڃائڻ کان پوءِ پنهنجي مڊلٽن ۽ گرين بي، وسڪونسن جي وچ ۾ 148 ملازمن کي برطرف ڪيو.[8]
25 جون 2019ع تي، ويسٽ ڪارپوريشن پاڻ کي "انٽراڊو" جي طور ري برانڊ ڪيو.[9]
11 سيپٽمبر 2020ع تي، انٽراڊو ماس نوٽيفڪيشن سافٽ ويئر جي ڊولپر Syn-Apps LLC حاصل ڪئي. [10]
20 ڊسمبر 2020ع تي، انٽراڊو اسپاريا نالي جي ڪمپني حاصل ڪئي.[11]
31 جنوري 2023ع تي، اسٽون پيڪ انٽراڊو لائف اينڊ سيفٽي کي 2.4 بلين ڊالر ۾ هن شرط تي حاصل ڪيو ته انٽراڊو جو نالو ۽ برانڊ حفاظتي ڪاروبار سان منتقل ٿيندو. انٽراڊو پنهنجي باقي هولڊنگز کي ويسٽ ٽيڪنالاجي گروپ، ايل ايل سي ۾ ري برانڊ ڪيو.[12]
2 آڪٽوبر 2023ع تي ميٽ ڪارٽر کي جيف رابرٽسن جي جاءِ تي انٽراڊو لائف اينڊ سيفٽي جو سي اي او مقرر ڪيو ويو.[13]
نالي جي تاريخ
[سنواريو]- نومبر 1996ع: ويسٽ ٽيلي سروسز ڪارپوريشن
- جنوري 1، 2001ع: ويسٽ ڪارپوريشن
- جون 25، 2019ع: انٽراڊو
تڪرارون
[سنواريو]اپريل 2014 ۾. انٽراڊو جزوي طور تي 14 رياستن جي 911 بندش جو ذميوار هو. جنهن اندازاً 6,000 ايمرجنسي مدد ڪالون ۽ 11 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو. نتيجي طور، فيڊرل ڪورٽ انٽراڊو تي 1.4 ملين ڊالر جو جرمانو ڪيو.
نومبر 2019ع ۾، انٽراڊو پنهنجي سسٽم ۾ خرابين، جيڪيون آگسٽ 2018ع ۾ ٿيو، جي ڪري آمريڪي خزاني کي 1,75,000 ڊالر ادا ڪرڻ تي راضي ٿيو. جنهن جي ڪري 6 رياستن ۾ 65 منٽن لاءِ لکين ماڻهو 911 رسائي کان محروم ٿي ويا.
سيپٽمبر 2020ع ۾، انٽراڊو جي ڪري هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ عرصي تائين 14 رياستن ۾ 911 بندش جي رپورٽ ڪئي وئي.
نئين ڪمپنين جي خريداري
[سنواريو]2002ع ۽ 2018ع جي وچ ۾، ڪارپوريشن اسٽريٽجڪ حصولن ۾ تقريبن 2.7 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ هيٺيون فرمون حاصل ڪيو آهن:[5]
- ٽيل مارڪ سيلز —2002ع
- ڊاڪوٽا ڊائريڪٽ —2002ع
- اٽينشن ايل ايل سي —2002ع
- انٽر ڪال —2003ع
- ڪانفرنس ڪال ڊاٽ ڪام — 2003ع
- ورلڊ وائڊ ايسٽ مئنيجمينٽ — 2004ع[14]
- اي سي آءِ ڪانفرنس ڪال سروسز — نومبر 2004ع
- اسپرنٽ ڪانفرنسنگ — 2005ع[15]
- انٽراڊو — اپريل 2006ع[16]
- رينڊانس ڪميونيڪيشنز — اپريل 2006ع[17]
- سينٽر پوسٽ ڪميونيڪيشنز — فيبروري 2007ع [18]
- ٽيلي ووڪس سافٽ ويئر — مارچ 2007ع[19]
- اومنيم ورلڊ وائڊ — اپريل 2007ع[20]
- ايڇ بي ايف ڪميونيڪيشنز — اپريل 2008ع[21]
- جينيسس ڪانفرنسنگ — مئي 2008ع[22]
- اسٽريم 57 - جنوري 2010ع[23]
- SKT بزنس ڪميونيڪيشنز سلوشن - 2010ع[24]
- هولي ڪنيڪٽس - مئي 2010ع[25]
- ٽي ووڪس - جولاءِ 2010ع[26]
- اسپيشلٽي فارميسي نيٽ ورڪ - فيبروري 2011ع
- ٽوينٽي فرسٽ سينچري ڪميونيڪيشن - فيبروري 2011ع
- يونيسفئر - مارچ 2011ع
- اسموٿ اسٽون آءِ پي ڪميونيڪيشن - اپريل 2011ع
- هائپر ڪيوب - نومبر 2011ع[27]
- اسڪول ميسينجر - اپريل 2014ع[28]
- ڪلائنٽ ٽيل، انڪارپوريٽڊ - نومبر 2015ع[29]
- مئگنيٽڪ نارٿ - نومبر 2015ع[30]
- Callpointe.com Inc - مئي 2017ع[31]
- ECaTS - نومبر 2017ع[32]
- PhoneTree - ڊسمبر 2017ع
- GlobeNewswire - اپريل 2018ع
- Flowroute - جون 2018ع[33]
- Asparia - ڊسمبر 2020ع[34]
اعزاز
[سنواريو]اپريل 2013ع نيشنل ڪاليج ۽ ويسٽ ڪارپوريشن ۽ ڪاروباري حل ۾ ممتاز ڪميونٽي آجر.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "West Corp. CEO retires; Omaha company was sold to New York firm last month".
- ↑ "WSTC Key Statistics". Yahoo! Finance. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "WSTC Profile". Yahoo! Finance. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "COMPANY NEWS; WEST TO BUY ECI CONFERENCE CALL SERVICES". The New York Times. 2004-11-18. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "West Corp.'s public offering puts a face on behind-the-scenes operations". Omaha.com. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Buys ConferenceCall.com for $38.5 Million". Direct Marketing News. اصل نسخو مان 1 August 2013 تي محفوظ ڪيل. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Alorica Completes Acquisition of West Corporation's Agent Services Businesses, Including ARM". 2015-03-05. 20 August 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Bollier, Jeff. "West Corp. to lay off 148 after losing contract, including 36 at Ashwaubenon office". Green Bay Press-Gazette.
- ↑ "West Corporation announces rebrand to Intrado". 25 June 2019.
- ↑ "Intrado Acquires Syn-Apps to Accelerate IoT in Protecting the Public and Improving Emergency Response". 11 September 2022.
- ↑ "Intrado acquires Asparia". 22 December 2020.
- ↑ "Stonepeak completes acquisition of Intrado's safety business". www.pehub.com.
- ↑ "Matt Carter replaces Jeff Robertson as CEO". www.intrado.com.
- ↑ "West Corp. to Buy Worldwide Asset". اصل نسخو مان 10 June 2014 تي محفوظ ڪيل. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "COMPANY NEWS; WEST WILL PAY $207 MILLION FOR SPRINT'S CONFERENCING UNIT". The New York Times. 2005-05-10. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West completes Intrado acquisition". Denver Business Journal. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corporation Completes Raindance Acquisition and Updates 2006 Guidance". TMCnet.com. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corporation to Acquire TeleVox Software and CenterPost Communications". TMCnet.com. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Completes Acquisition of TeleVox". TMCnet.com. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "In Brief: Neb. Outsourcer West Sets Buyout. (West Corp.)(Omnium Worldwide Inc.)". اصل نسخو مان 24 September 2015 تي محفوظ ڪيل. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Company Overview of HBF Group, Inc". Businessweek. اصل نسخو مان February 27, 2010 تي محفوظ ڪيل. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Buys Genesys Conferencing". TMCnet.com. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "InterCall Asserts Vision for Virtual Events with Acquisition of Stream57". Intercall. 3 October 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corp. To Acquire SKT Business Communication". PE Hub. 16 July 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corp. Buys Holly Connects". Mergers & Acquisitions. اصل نسخو مان 24 December 2013 تي محفوظ ڪيل. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Interactive Acquires TuVox". insideARM. 26 July 2010. 16 July 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corp. acquires HyperCube". Longmont Times-Call. 29 November 2011. 11 July 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "SchoolMessenger Acquired by West Corporation". edSurge. 2014-04-14. 14 April 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corporation Acquires ClientTell". اصل نسخو مان 2018-09-28 تي محفوظ ڪيل. 2018-09-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corporation Acquires Magnetic North". 5 November 2015.
- ↑ "Callpointe is now part of West". Callpointe. 2017-08-02. اصل نسخو مان 2018-04-12 تي محفوظ ڪيل. 11 April 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corporation Acquires ECaTS". CNBC. 2017-11-08. 1 March 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "West Corporation to Acquire Flowroute". GlobalNewsWire. 2018-06-29. 29 June 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Intrado Acquires Asparia". 22 December 2020.