مواد ڏانھن هلو

انيسه رحمان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان ٽيليويزن- جي پهرين سنڌي نيوز ڪاسٽر، سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪا، -انيس ميمڻ- جنهن جو شاديءَ کانپوءِ هاڻوڪو نالو انيسه رحمان آهي. هن پهرين مئي 1952ع تي، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ -جنم- ورتو. مئٽرڪ، ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽيءَ مان، 1968ع ۾ ڪيائين. بي.اي (زبيده ڪاليج، حيدرآباد) ۽ 1974ع ۾ ايم. اي (-بين- الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي زماني ۾، گهڻو سرگرم رهي؛ مختلف تقريبون، تقريري مقابلا ۽ سهائتا شو ڪرائڻ ۾ سندس هٿ رهيو. جڏهن ته هوءَ ٻه سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، شاگردياڻين جي چونڊيل نمائنده رهڻ کان سواءِ، ”ورلڊ يونيورسٽي سروس“ جي لوڪل ڪاميٽيءَ جي ميمبر، سنڌ اسپيڪرس فورم جي نائب چيئرمئن ۽ حيدرآباد ڪائونسل آف آرٽس ائنڊ ڪلچر جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ميمبر پڻ رهي آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل رهيو آهي ته ’سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ گرلس برانچ جي پهرين خاتون ڪنوينر بڻي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻين ڇوڪرين جي سياسي ۽ سماجي طور تي همٿ افزائي ڪيائين.

1972ع ۾ ٽي ويءَ -تان- سنڌي خبرون نشر ٿيون ته پهرئين ئي ڏينهن -انيس ميمڻ- نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان خبرون پڙهيون. 1975ع کان 1979ع تائين، ڪراچيءَ ۽ سکر ۾ -پاڪستان نئشنل سينٽر- جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر رهي، جتان جنرل ضياءَ جي آمرانه دور ۾ کانئس جبراً استعيفا ورتي وئي. -ان- کان پوءِ ڪجهه سال سگا جي قائم ڪيل اسڪول ايم. اي. ايف ڪراچيءَ جي پرنسپال طور فرائض سرانجام ڏنائين. بعد ۾ کيس پي. آءِ. اي ۾ نوڪري ملي، -جتي- هن وقت مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ جي جنرل مئنيجر آهي.

انيس ميمڻ، 70 جي ڏهاڪي ۾ گهڻي تعداد ۾ مضمون، شاعري ۽ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي هلال -پاڪستان- -اخبار- جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. 89- 1988ع ۾ پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين سان گڏ عورتن لاءِ هڪ ماهوار رسالو ”سگهڙين سٿ“ پڻ -جاري- ڪيائين. جنهن جا ٻارنهن پرچا شايع ٿيا، اهو سنڌيءَ جو پهريون عورتن جو رسالو هو، جيڪو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيو هو.[1]

حوالا

[سنواريو]