انور وسطڙو (راڳي)
انور- وسطڙي جو -جنم- 1940ع ڌاري ڳوٺ مچر ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو . شروعاتي -تعليم- ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين . نائين جماعت هاءِ اسڪول ٺاروشاهه ۾ پڙهيو . پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين . اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ ٻيڙين ٻڌڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو ، اهو ڌنڌو سندس پيءُ ۽ ڀائر به ڪندا هئا . ٻيڙين ٻڌڻ دوران محمد رفيع ۽ چندر جا ڪلام ٻڌندو هو ۽ انهن کي جهونگاريندو هو . اتان کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ -استاد- محمد صالح خاصخيليءَ جو شاگرد ٿيو ۽ -ترت- پوءِ -استاد منظور علي خان- کان ڌاڳو ٻڌايائين . 1976ع کان هن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو ، ڪيترين فلمن ۾ پڻ ڳاتائين . پنجابي فلم ” وفاياران دي “ سنڌي فلم ” پرديسي ۽ پيار “ ” پرو چانڊيو “ جا گانا ڳاتائين . هن ڪجهه عرصو اداڪاري به ڪئي . هن سنڌ اندر مختلف ثقافتي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي . مصري شاهه اوارڊ ۽ لطيف ايورڊ مڃتا طور مليا اٿس.[1]