مواد ڏانھن هلو

انور حسين صديقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر -انور حسين صديقي- 10 فيبروري 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن 1961ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ 1966ع ۾ -آمريڪا- جي سائودرن ڪيليفورنيا مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيائين. 1961ع ۾ هن ڪراچي جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي نيشنل انسٽيٽيوٽ ۾ بطور ريسرچ ايسوسيئيٽ جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ اتي ئي هو 74-1973 ۾ -ان- اداري جو ڊائريڪٽر ٿي ويو. 1975ع ۾ لاهور جي -پاڪستان- ايڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج ۾ ڊائريڪٽر ريسرچ ۽ اسٽڊيز جي حيثيت سان شامل ٿيو. -جتي- هو ترقيءَ جي مختلف تربيتي پروگرامن ۾ شامل ٿي ويو. ڊاڪٽر -انور- حسين 1982ع ۾ نائجيريا جي احمدو بيلو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊمنسٽريشن جو چيف صلاحڪار/ پروفيسر طور به پڻ ڪم ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ جي انيڪ پروگرامن، قانون، لوڪل گورنمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن، پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ميدان ۾ -ترقي- ڏياري. 1986ع ۾ هي اسلامڪ لا اڪيڊمي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي -اسلام- -آباد- جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، -جتي- هن 1992ع تائين رهيو. 1992ع کان 1995ع تائين ڊاڪٽر -انور- حسين فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ قانون واري وزارت -اسلام- -آباد- جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. ڊيپوٽيشن وارو اهو عرصو پورو ڪرڻ کان پوءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ بطور وائيس پريزيڊنٽ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ايڪنامڪس جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان واپس موٽي آيو، -جتي- هن 1997ع -جنوري- تائين ڪم ڪيو. 1997ع فيبروري ۾ هي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻيو، ڊاڪٽر -انور حسين صديقي- ٻن ڪتابن جو مصنف به آهي ۽ هن جا 33 کان وڌيڪ مضمون قومي ۽ -بين- الاقوامي سطح تي ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر -انور- حسين ڪيترن ئي تربيتي پروگرامن ۾ حصو ورتو توڙي قومي ۽ -بين- الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. هي ڪيترن ئي قومي ۽ -بين- الاقوامي تنظيمن ۽ پروفيشن باڊيز جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر -انور- حسين پبلڪ ايڊمنسٽريشن، اقتصاديات ۽ مئنيجمينٽ جي شعبن جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]