مواد ڏانھن هلو

انور بلوچ (راڳي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد جو هڪ نه وسرندڙ آواز ۽ بهترين فنڪار -انور بلوچ-، 13 -اپريل- 1944ع تي، هيرآباد، حيدرآباد ۾ ڄائو. هن شروعاتي -تعليم- پرائمري اسڪول جان محمد -جمالي- ۽ پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ذهين ۽ هوشيار هو، -ان- ڪري -آخوند- اشرف هن جي مدد ڪندي، کانئس ڏهين ڪلاس جو فارم ڀرايو ۽ کيس مئٽرڪ پاس ڪرايائين. انور -بلوچ-، ڊي. اي. او (گرلس) وٽ ڪلارڪي ڪري، انٽر تائين -تعليم- حاصل ڪئي. هن اسٽيج ۽ ٽي. وي ڊراما به ڪيا. سندس فن جو قدر ڪندي کيس ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد ۾ پروڊيوسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ سخت محنت ۽ جاکوڙ سبب جوانيءَ ۾ ئي بيمار ٿي پيو ۽ ڊگهيءَ بيماريءَ ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا

[سنواريو]