انوار الاسرار تفسير
ڏيک
انوار الاسرار -تفسير- (قلمي ):هيءُ قرآن حڪيم جو -تفسير- آهي. جنهن ۾ سالڪ لاءِ -تصوف- جون انتهائي نازڪ ۽ نفيس ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن. -ان- جو مؤلف مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند -الله- سنڌي پاٽائي ثم برهانپوري آهي. قرآن مجيد جي -تفسير- انوار الاسرار عربيءَ ٻوليءَ ۾ چئن جلدن ۾ سندس مشهور -تصنيف- آهي. -ان- -تفسير- جا چند نامڪمل نسخا سنڌ ۾ پڻ موجود آهن. هڪ نسخو جيڪو سورة الطور کان الحديد تائين آهي. مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جي اولاد مان مخدوم سليم -الله- صديقي جي ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. جنهن جو سنڌي ترجمو ۽ اصل متن اداره -پاٽ- هائوس حيدرآباد طرفان 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.[1]