انواد سوسائٽي بمبئي
ڏيک
1977ع ڌاري هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي بمبئيءَ ۾ قائم ٿي، جنهن جا بانيڪار سنڌيءَ جا ناميارا ليکڪ جسونت ڪمار، رميش مهتا، وشنو -ڀاٽيا- ۽ مدن -جماڻي- هئا. هن سوسائٽيءَ مشهور ناٽڪ: -ادو عبدالرحمان-، ميونسپل ڪائونسلر، انڌڪار، شڪار، پريم پکيئڙا، گرائونڊ فلور، سچ ڇا آهي وغيره ڪيا، -جن- ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار:-بينا- منسکاڻي، رتنا پنجابي، آشا چاند، شيلا ساجناڻي، هري رامچنداڻي، لڪشمي منسکاڻي، لتا منواڻي، شرت ڀڳتياڻي، بنسي هرياڻي ،رينو لعلواڻي، ليلو پنجواڻي، اجيت وڇاڻي، جڳديش شرما، مدن -جماڻي-، منوج ڪمار، پريم لالا، دليپ چڳاڻي، جسونت ڪمار، رميش ڪرناڻي، سريچند ماکيجا، نريندر بجاج، سريش بلواڻي، اشوڪ کتري، رميش ڀاوناڻي، رام لهيجا، موهن ڊنگرا ۽ پرڪاش چوڌري هئا.[1]