انعام عباسي
ڏيک
نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار -انعام- -الله- عباسي، 10 جون 1971ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ڪيائين. سٺو اداڪار به آهي ۽ ڪي. ٽي. اين تي پنهنجا جوهر ڏيکاري رهيو آهي. سندس ٻه سيريل ”ٽٽل تارون“ ۽ ”پنهنجو گهر“ ڪي. ٽي. اين -تان- ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن. ادب ۾ سندس نمايان خدمتون آهن، هن 1994ع کان ’نئون نياپو‘ نالي ماهوار رسالو شروع ڪيو، جنهن جا هن وقت تائين 90 کان مٿي شمارا ايڊٽ ڪري ڇپرائي چڪو آهي، هي رسالو سنڌي ادب ۾ سٺي حيثيت ماڻي چڪو آهي. هن نئون نياپو اڪيڊميءَ پاران نامور شاعر -تاجل بيوس- ۽ ٻين ليکڪن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انعام عباسي : (Sindhianaسنڌيانا), اصل کان 09 نومبر 2024 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 16 جون 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)