مواد ڏانھن هلو

انسان (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد عثمان ڏيپلائي جي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ هفتيوار ”-انسان-“ حيدرآباد جو اجراء 3 مئي 1959ع کان ٿيو. پهريون شمارو ”شهيد انسانيت“ نمبر جي صورت ۾ آيو. ڪور تي ابراهام لنڪن جي -تصوير- ڏنل هئي، جنهن جي هيٺان سندس مشهور مقولو درج ٿيل هو. ”جهڙيءَ طرح آءُ ڪنهن جو غلام ٿيڻ پسند نه ڪندس، اهڙيءَ طرح ڪنهن کي غلام بڻائڻ به گوارا نه ڪندس.!“ هفته وار ”-انسان-“ -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پهريون فيملي ميگزين چئي سگهجي ٿو. منجهس ڏيپلائي صاحب جي لکيل جديد -ترقي- پسندانه انساني ارتقاء جي سائنسي نظريئي جي آسان زبان ۾ سمجاڻي، جاهلانه عقيدن ۽ رسمن خلاف لکڻيون، سنڌي -تهذيب- ۽ زبان خلاف ٿيندڙ حڪومتي سازشن خلاف پرزور احتجاج، ”ٻارن جا صفحا“، ”عورتن جا صفحا“، ”فلمي صفحا“، ”دنيا جهان جون خبرون“، ”تبصرا“، ”-تنقيد-“ وغير، مطلب ته ”-انسان-“ هڪ مڪمل فيملي ميگزين هو. -انسان- جا خصوصي شمارا تاريخي اهميت جا حامل آهن. مثلاً ”-آزادي- نمبر، شهيد لو سمبا نمبر، ٽالسٽاءِ نمبر، سچل سرمست نمبر، ڀٽائي نمبر، سنڌ مدرسه نمبر“ وغيره رسالي جو آخري شمارو 27 فيبروريءَ 1961ع تي شايع ٿيو. تنهن کانپوءِ سرڪار طرفان مٿس بندش عايد ٿي.[1]

حوالا

[سنواريو]