اندر تون اجار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسلامي دنيا جي وڏي عالم، حڪيم ۽ فلسفيءَ امام غزاليءَ جي ڪتاب ”-الاسلام-“ جو خلاصو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران نور احمد ميمڻ، ”اندر تون اُجار“ نالي سان، پاڪيٽ سائيز جي 151 صفحن تي مشتمل، آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچيءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. خوبصورت ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ -امام غزالي رحه-، بهتر -انسان- ۽ صحيح مسلمان بنجڻ لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته جيڪي عادتون ماڻهوءَ کي خواريءَ ڏانهن ڌڪين ٿيون، -تن- کان پاڻ بچائڻ کانسواءِ ماڻهوءَ جو مان مريادا، عزت ۽ منصب -ٽڪي- جي حيثيت رکن ٿا. موجوده دور جي زوال پذير اخلاقي قدرن کي سگهارو بنائڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ لاڀائتو مواد موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]