مواد ڏانھن هلو

انجنيئر جاويد انور چنہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انجنيئر جاويد انور چنہ جنھن جو اصل نالو انور علي چنہ ھيو سندس والد جو نالو محمد يوسف ھيو،سندس پيدائش ڳوٺ پيارو کوسو لڳ ٺل ۾ ٿي ،پاڻ جمعيت طلباء اسلام پاڪستان جا مرڪزي صدر ۽ جمعيت علماء اسلام پاڪستان جي مرڪزي مجلس شوريَ جا ميمبر رھيا،جي يو آءِ تعلقہ ٺل ۽ جي يو آءِ ضلع جيڪب آباد جا جنرل سيڪريٽري بہ رھيا،ٺل شھر جي سياسي سماجي معاملن ۾ ھميشہ اڳڀرا رھنداھئا پاڻ ھندو مسلم رواداري جو عملي نمونو ھئا.سندن وفات 29 سيپٽمبر 2014 تي دل جي دوري سبب ٿي،سندن جنازي نماز کي ٺل جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جنازو ھئڻ جو اعزاز حاصل آھي