انجمن (فلم)
| انجمن | |
|---|---|
| هدايتون | حسن طارق |
| رچنا | صفدر مسعود |
| ستارا | سنتوش ڪمار صبيحہ خانم وحيد مراد راني لھري ديبا تمنا |
| موسيقي | نثار بزمي |
| ايڊيٽنگ | الحامد |
| مهورت |
|
| وقت دوران | 3 گھنٽا |
| ملڪ | |
| ٻولي | اردو |
انجمن (انگريزي: Anjuman)، اردو زبان ۾ 1970ع ۾ ريليز ٿيندڙ پاڪستاني فلم ھُئي۔ ھن فلم کي سال 1970ع جي بھترين فلم جو نگار ايوارڊ مليو۔[1]
فلم انجمن 31 جولاءِ، 1970ع ۾ نمائش جي لاءِِ پيش ٿي۔ ان فلم جا فلم ساز صفدر مسعود، ھدايت ڪار حسن طارق، مصنف آغا حسن امتثال، موسيقار نثار بزمي ۽ نغمہ نگار سيف الدين سيف، مسرور انور ۽ فياض ھاشمي ھيو. ھيءَ فلم انگريزي فلم بليو اينجل، ھندوستاني فلمن ڀائي جان ۽ بي نظير ۽ پاڪستاني پنجابي فلم دلاں دے سودے جي ڪھاڻي تي ٺاهي وئي ھئي پر حسن طارق پنهنجي ھدايت ڪاريءَ سان ان فلم کي سپر ھٽ بڻائي ڇڏيو ۔[1]
اداڪار
[سنواريو]- سنتوش ڪمار بطور وڏو ڀاءُ
- صبيحہ خانم بطور ڀاڄائي
- وحيد مراد بطور ننڍو ڀاءُ
- راني بطور انجمن
- لھري بطور لالہ
- ديبابطور پنڪي
- تمنا[2]
موسيقي
[سنواريو]ھن فلم جي موسيقي معروف مسوسيقار نثار بزمي ترتيرب ڏني، جڏھن تہ نغما سيف الدين سيف، فياض ھاشمي ۽ مسرور انور پاران لکيا ويا۔ ھن فلم ۾ ميڊم نورجھان، رونا ليليٰٰ ۽ احمد رشدي پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو۔[1]
نغما
[سنواريو]| نمبر شمار | گانا | گلوڪار / گلوڪارا |
|---|---|---|
| 1 | اظہار بھی مشکل ہے کچھ کہہ بھی نہیں سکتے | ميڊم نورجھان |
| 2 | آپ دل کی انجمن میں حسن بن کر آ گئے | رونا ليليٰ |
| 3 | دل دھڑکے میں تم سے یہ کیسے کہوں | رونا ليليٰ |
| 4 | میری بھابھی تم جیو ہزاروں سال | احمد رشدي |
| 5 | لگ رہی مجھے آج ساری فضا | احمد رشدي |
اعزاز
[سنواريو]انجمن مجموعي طور تي 8 نگار ايوارڊ حاصل ڪيا۔ ھي ايوارڊ جن شعبن ۾ حاصل ڪيا انھن ۾[1]:
| نمبر شمار | شعبو | نالو | ايوارڊ جو نالو |
|---|---|---|---|
| 1 | بھترين اردو فلم سال 1970ع | صفدر مسعود | نگار ايوارڊ |
| 2 | بھترين ھدايت ڪار | حسن طارق | نگار ايوارڊ |
| 3 | بهترين موسيقار | نثار بزمي | نگار ايوارڊ |
| 4 | بھترين نغمہ نگار | مسرور انور | نگار ايوارڊ |
| 5 | بهترين پس پردا گلوڪارا | رونا ليليٰ | نگار ايوارڊ |
| 6 | بھترين مزاحيا اداڪار | لھري | نگار ايوارڊ |
| 7 | بھترين آرٽ ڊائريڪٽر | حبيب شاھ | نگار ايوارڊ |
| 8 | بھترين تدوين ڪار | الحامد | نگار ايوارڊ |
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 ص 317، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثو / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ء
- ↑ انجمن، آءِ ايم بي ڊي ڊاٽ ڪام