مواد ڏانھن هلو

انجمن حسيني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سکر پراڻيءَ ۽ سکر نئينءَ ۾ انجمن حسينيءَ جي نالي سان ٻه انجمنون آهن، -جن- جو تفصيل هن طرح آهي: سکر پراڻيءَ جا معصومي ۽ ميرڪي سادات، اڪثر شيعا آهن، -جن- 1901ع ۾ ”-انجمن حسيني-“ قائم ڪئي ۽ هر جمعرات -امام بارگاهه- ۾ مجلسون ڪندا رهيا. سيد علي شاهه معصومي انجمن جو انتظام ڪندو هو. سکر نئينءَ ۾ به 1901ع ۾ سيد قائم علي شاهه واري پڙ تي، هيءَ انجمن قائم ٿي. سندس وفات کان پوءِ پٽس نورمحمد شاهه انجمن کي زنده رکندو آيو، ليڪن وٽن ڪا مستقل -امام- بارگاه ڪانه هئي. پر جڏهن کان -آغا حسن علي- پبلڪ پراسڪيوٽر ٿيو، تڏهن سندس ڪوشش سان -تڙ- ڪوارٽر ۾ ميونسپل طرفان پلاٽ ڏنو ويو، -جتي- هاڻوڪي -امام بارگاهه- تعمير ٿي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]