انبواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انبواڻي: نک (ڪڪڙيجا ):-انبواڻي- ڪڪڙيجن جي نک آهي ڀڳواناڻي، ڪيسواڻي ۽ مولچنداڻي به ساڳيءَ نک جا آهن. اهي سڀ اروڙ ونسي آهن. ڪي ڪيسواڻي چون ٿا ته ڪنهن لڙائيءَ ۾ سندن وڏن جو -بارود- کپي ويو، ۽ -ان- جي بدران ڪڪڙو ڪم آندائون، تنهنڪري سندن پويان ”ڪڪڙيجا“ يعني ڪڪڙي وارن (ڪڪڙي ڪم آڻيندڙن) جو اولاد سڏجڻ ۾ آيا. انبواڻين جو وڏو ڏاڏو انبومل راولپنڊيءَ ۾ رهندو هو. اتي بدامني ٿي، ته -اول- ملتان ۽ پوءِ روهڙيءَ ويو. پوءِ خيرپور مير صاحب واريءَ ۾ نوڪري مليس ته اتي گذارڻ لڳو. هالاڻي تعلقي ڪنڊياري مان ٻه گهر پرڻيو هو ۽ پوءِ پاڻ به هالاڻي ۾ وڃي رهيو، پر سڀ -ٻار- خيرپور ۾ ڄاوا هئس. ديوان انبومل نهايت ايماندار ماڻهو هو، تنهنڪري ميرن پنهنجو مودي خانو سندس حوالي ڪيو هو. سندس پٽ ديوان سانولداس ۽ ديوان بازاري مل ڪاردار هئا. ڪنهن وقت ميرن کي سڌ پئي ته ديوان بازاري مل اڌ لک کن رپيا کائي ويو آهي ۽ حساب ڪتاب ۾ ڪوڙيون داخلائون ڪري لکيو اٿس، ته اهي پئسا ميرن جي شڪار ڪرڻ، ڪتن جي لوڌين رکڻ ۽ ڪتن کي سونين زنجيرن ٻڌڻ وغيره بلي خرچ ٿيا. ميرن يڪدم کيس نظربند ڪيو. ديوان انبومل ۾ ڪلي اعتبار هئن. تنهن تي حساب ڪتاب تپاسڻ جو ڪم رکيائون. ديوان انبومل حساب ڪتاب تپاسي، پنهنجي پٽ کي ڏوهي ٺهرايو، سندس سچائي ۽ بي ريائيءَ جو قدر ڪري، ميرن پٽس کي گناهه معاف ڪيو ۽ آئيندي لاءِ فقط تاڪيد ڪري، تارڪشي لونگي ڍڪايائون، جنهن جون ڪناريون ۽ پلو زريدار هئا ۽ تاڃيءَ ۽ پيٽيءَ ۾ اڌ پٽ ۽ اڌ زري هيس، جنهنڪري وزن ۾ نهايت ڳوري هئي. انبواڻين ۾ پوءِ هيءُ رواج پيو ته منجهائن جيڪو پرڻبو هو، تنهن کي اها لونگي چيلهه سان ٻڌندا هئا ۽ گهوٽ لاءِ اها ڀاڳ جي نشاني سمجهندا هئا. ديوان ڏيارام چپجنداس -انبواڻي- جو هن وقت (1946ع ۾) ٽيهتر ورهين جي ڄمار جو آهي، سو ڳالهه ٿو ڪري ته ”مان پاڻ جڏهن پرڻيو هوس، تڏهن اها لونگي چيلهه سان -ٻڌي- هيم. اها لونگي پوءِ تهبارون ٿي وئي ته به پراڻيءَ زريءَ جا چوويهه رپيا مليا“ ديوان انبومل کي هڪ نياڻي ۽ -اٺ- پٽ هئا، -جن- مان ٽي پٽ بازاري مل، سيٺو مل ۽ ڀارو مل بنا اولاد گذاري ويو. هن وقت هالاڻيءَ ۾ باقي سندس پنجن پٽن سانولداس، ڌرمداس، واپاري مل، موريندي مل ۽ اٺومل جو اولاد آهي. ديوان سانولداس جو پٽ ديوان ويڙهومل هو، جنهن جو پٽ ديوان نارومل هو. ديوان نارومل جو پٽ ديوان ڀوڄراج 1880ع ڌاري ڄائو هو. انڪمبرڊ اسٽيٽس ۾ هو ۽ پنجٽيهن ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾، 1915ع ۾ گذاري ويو. سندس مربي پٽ مسٽر جھمٽ مل، جيڪو حيدرآباد ۾ انسپيڪٽر آف ريجسٽريشن هو. مسٽر جھمٽ مل جو پٽ ڊاڪٽر گوبندرام، جنهن 1945ع ۾ ايل. سي. پي اينڊ -ايس- (-بمبئي-) پاس ڪئي ۽ پهريون نمبر آيو. ديوان ڀوڄراج جو ٻيو پٽ مسٽر روپچند ڪراچيءَ ۾ ڊائريڪٽر آف سول سپلائيز جي آفيس جو سپرنٽينڊنٽ ۽ ساڳيءَ -آڪهه- مان ديوان شوڪتراءِ خوبچند زميندار هو. ديوان موريي مل جو پٽ ديوان روچيرام زميندار به هو، ته ٺيڪا به کڻندو هو. هن -آڪهه- ۾ ديوان واسومل ڌرمداس سنت پرش ٿي گذريو آهي. 1782ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ اصلوڪي هالاڻيءَ جو شهر زبون ٿي ويو. هاڻوڪو هالاڻيءَ جو شهر پوءِ ٻڌو. هاڻوڪي هالاڻيءَ ۾ اصلوڪي هالاڻيءَ مان، ڪن جزوي گهرن کانسواءِ ٻيا سڀ ٻين هنڌان لڏي اچي ويٺا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]