ام القري يونيورسٽي
Other name | ام القري يونيورسٽي |
|---|---|
| چونڊيل چوڻي | Honored Education, Honored Place |
| قسم | Public |
| سرگرم | 1949 as College, 1981 as University |
| بجٽ | SR 3.5 billion (US$ ~900 million) |
تدريسي عملو | 5,000+ |
| انڊر گريجوئيٽ | 100,000+ |
| پوسٽ گريجوئيٽ | 10,000+ |
| پتو | Mecca، Mecca Province، 21°19′31″N 39°56′42″E / 21.3254°N 39.9451°E |
| ڪيمپس | Abidiyyah (Mecca), Aziziyah (Mecca), Al-Zahir (Mecca), Al-Lith, Al-Qundufah, Jamoom |
| ويب سائيٽ | uqu |
ام القريٰ يونيورسٽي (عربي: جامعة أم القرى) سعودي عرب جي شهر مڪه مڪرمه ۾ هڪ عوامي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي سال 1949ع ۾ شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود جي دور ۾ "ڪاليج آف شريعة" (اسلامي قانون جو ڪاليج) جي نالي سان قائم ڪئي وئي هئي. ان کان پوء ان ۾ نوان ڪاليج شامل ڪيا ويا ۽ سال 1981 ۾ هڪ شاهي فرمان ذريعي ان جو نالو ام القريٰ رکيو ويو.[1]
يونيورسٽي بنيادي طور تي هڪ اسلامي يونيورسٽي جي طور تي شروع ٿي جيڪي اسلامي قانون، اسلام ۽ عربي ٻولي جي اڀياس ۾ ڊگريون پيش ڪندي هئي. هاڻي اها ٽيڪنالاجي مئنيجمينٽ، بزنس مئنيجمينٽ، اسلامي معاشيات، مارڪيٽنگ، انجنيئرنگ، ٽيڪنالاجي، طب، تعليم، فن تعمير ۽ گڏوگڏ مختلف سماجي ۽ اطلاقي سائنسن جهڙن متنوع مضمونن ۾ وڌيڪ ڪورس پيش ڪري ٿي. سال 2015ع ۾، يونيورسٽي جو سالياني بجٽ "3 ارب ريال" (80,13,99,900 آمريڪي ڊالر) جي لڳ ڀڳ هو.