امير سلطان محمد جو مقبرو
ڏيک
امير سلطان محمد جي مقبري جي اڏاوت 1556ع ڌاري ٿي آهي. -امير سلطان محمد جو مقبرو-، سلطان ابراھيم جي مقبري لڳ ۽ عبدلله شاهه -اصحابي- جي ڏکڻ ۾ مڪليءَ واري شاهي قبرستان ۾ آهي. مھاڙيءَ ۾ پٿرائون دروازو اٿس، جنھن تي پھچڻ لاءِ ٽي ڏاڪا تعمير ٿيل آھن. دروازي سان ٻنھي پاسي ڄاريدار دريون آھن. ٿلھي تي ٺھيل ھيءَ اڏاوت سڄي پيلي -پٿر- جي آھي. احاطي ۾ اندر ٽي قبرون آھن، -جن- مان ھڪ، جنھن کي وڏو -تاج- لڳل آھي، اھا -امير- سلطان جي قبر آھي. عربيءَ ۾ لکت موجود اٿس، جنھن ۾ اڏاوت جو سال 963ھ لکيل آھي. مقبري کي ٿلھي کان مٿي چوڌاري پٿرائون واڌو وڙو چوڦير ڏنل آھي. ڇت ڪانه اٿس.[1]