مواد ڏانھن هلو

امير حيدر ڪاظمي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچيءَ ۾ سياستدان جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. قيام -پاڪستان- کان پوءِ لڏي ڪراچيءَ ۾ آيو. هي ڀارت جي هڪ ڳوٺ علي نگر ۾ ڄائو. شاگرديءَ واري دؤر کان ئي مختلف تحريڪن ۾ حصو وٺندو هو. جڏهن جبلپور (ڀارت) ۾ هندو مسلم فساد ٿيا ته ٻين شاگردن سان گڏجي احتجاجي جلوس ڪڍيائين، نتيجي ۾ کيس تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏني وئي. هن باقاعدي عملي سياست ۾ 1972ع ۾ پير پاتو. پهرين ولي خان جي ”نئشنل عوامي پارٽيءَ“ ۾ شامل ٿيو. بعد ۾ 1976ع ۾ -پاڪستان- پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ذوالفقار علي -ڀٽي- صاحب هن جي قابليت کي ڏسندي کيس سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات مقرر ڪيو. 1988ع جي چونڊن ۾، ڪراچيءَ جي -تڪ- اين. اي 184 -تان- پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ڪجهه وقت لاءِ وفاقي وزير -تعليم- ۽ وزير صحت به ٿي رهيو.[1]

حوالا

[سنواريو]