مواد ڏانھن هلو

امر ڀٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امر ڀٽيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد راجپوت ولد شمس الدين راجپوت آهي ، هن 1961ع ۾ حيدرآباد ۾ -جنم- ورتو . پرائمري -تعليم- زينت السلام اسڪول مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيٺارجا مان حاصل ڪيائين . گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين . 1982ع کان واپڊا ، -تعليم- ، لوڪل ، گورنمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ مختلف حيثيتن سان سرڪاري ملازمت ڪندو پيو اچي . هن وقت سيڪريٽري -آر- . ٽي . اي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي . عبدالمجيد -امر ڀٽي- بنيادي -تعليم- حاصل ڪرڻ کانپوءِ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو . ادب سان وابسته هئڻ ڪري سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين . ڪالمن ذريعي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ -اردو- ڳالهائيندڙن وچ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ کي جي ڪوشش ڪيائين . هن سنڌيءَ ۾ 200 کان وڌيڪ ڪالم لکيا آهن . -ان- کان سواءِ شاعري جا ٻه مجموعا به ترتيب ڏنل اٿس . -امر ڀٽي- سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ -آس- “ -اخبار- جو باني آهي ، جيڪا گذريل ستن سالن کان باقاعدي ڇپجي رهي آهي . -امر ڀٽي- -تعليم- جي ميدان ۾ شاگردن لاءِ مختلف ادارا به قائم ڪيا آهن ، -جن- ۾ ايڪوئپ الشمس اڪيڊمي ۽ نيپ ايجوڪيشن اڪيڊمي قابل ذڪر آهن . -ان- کان سواءِ مختلف ادارن جي سرپرستي به ڪندو پيو اچي ۽ سماجي حوالي سان مختلف سماجي تنظيمن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان سواءِ ’شمس ادب و آگهي ‘ جو چيئرمئن پڻ آهي . هن جو پنهنجي اداري ۾ سنڌي -ٻولي- اٿارٽيءَ جي سهڪار سان -اردو- ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌي ڪلاسن هلائڻ ۾ وڏو ڪردار آهي ، -جتي- ٻه ڪامياب سيشن هلي چڪا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]