مواد ڏانھن هلو

امر اقبال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعر -امر اقبال- جو اصل نالو محمد اقبال ولد الهورايو چنا آهي. هن سنڌ جي نامياري -استاد-، شاعر ۽ محقق عطامحمد حاميءَ جي ڳوٺ ’سوهو ڪناسرا‘ تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ پهرين -اپريل- 1974ع تي -جنم- ورتو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين سينٽ ٿريساز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1991ع ۾ انٽر ڪري، اين. اي. ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ -ٽيڪنالاجي-، ڪراچيءَ مان 1997ع ۾ بي. اِي (B.E) سول جي ڊگري ورتائين. -امر اقبال- 1992ع کان شاعري شروع ڪئي ۽ -ٿوري- ئي وقت ۾ نوجوانن ۾ هڪ پختي شاعر طور اڀري آيو آهي. خاص ڪري غزل، نظم ۽ وائي جي صنف تي عبور رکي ٿو. سندس شاعري سنڌ جي سمورن ادبي پرچن ۾ ڇپجي چڪي آهي. هن جا ٻه شعري مجموعا ”سمنڊ اڪيلو آهي“ (2004ع)، ”اکين مان ٽميل نظم“ (2004ع) ڇپيل آهن ۽ ٽيون مجموعو ”ڇا رکيو آهي -امر اقبال- ۾“ ڇپائي هيٺ آهي. -ان- کان سواءِ -امر اقبال- سچل يادگار ڪميٽي ۽ حامي يادگار ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر آهي. سچل ادبي ڪانفرنس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 01 مئي 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 07 جون 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)