مواد ڏانھن هلو

امجد سراج ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر امجد سراج 31 -جنوري- 1963ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس تعلق سنڌ جي هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي. سندس والد سراج -الحق- ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مڃيل ناول نگار، افسانه نگار، لسانيات جو ماهر ۽ صحافي آهي. ڊاڪٽر امجد ابتدائي -تعليم- ڪراچيءَ جي حبيب پبلڪ اسڪول مان ورتي، جنهن کانپوءِ هن پيٽاري جي ڪئڊٽ ڪاليج مان ميٽرڪ ۽ انٽر ڪئي. ايم. بي. بي. -ايس- جي ڊگري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي (هاڻي يونيورسٽي) مان وٺڻ کانپوءِ آئرلينڊ مان ايف. -آر-. سي. -ايس- ڪري ڪجهه وقت اتي ئي ملازمت ڪيائين. -ان- کانپوءِ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ -استاد- مقرر ٿيو، -جتي- هن وقت هو سرجريءَ جو پروفيسر آهي. ڊاڪٽر امجد سراج لکڻ جي شروعات پنهنجي ڪاليج جي مخزن ۾ لکڻ سان ڪئي، جنهن جي ايڊيٽرن جي پئنل ۾ هو. ترجمو ڪرڻ هن جو خاص شعبو آهي، هن جا ترجمو ٿيل ٽي اهم ڪتاب آهن. 1. ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ جو -انگريزي- ترجمو “Image of Women in Shah Latif’s Poetry” جيڪو شاهه لطيف چيئر پاران 2005ع ۾ ڇپيو، 2. سراج جي جڳ مشهور ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ“ جو ترجمو Sindhi Language جي نالي سان، جيڪو سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ سال 2009ع ۾ ڇپيو آهي. هن وقت ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ جي -انگريزي- ڪتاب ”The Grammar of Sindhi Language“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيوآهي. پاڻ پنهنجي ننڍي -ڀاءُ- نويد سراج سان گڏجي شاهه لطيف جا چونڊ 200 -بيت- انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس، جيڪي ڪتابي صورت ۾ 2006ع ۾ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن پاران ڇپايل آهن. ڊاڪٽر امجد سراج کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي ۽ هن وقت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي والد سان رهي ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]