امت وسطي
ڏيک

امت وسطي (انگريزي: Umat e Wasta)مسلمانن جو عقيدو آهي تہ مسلمان امت وسطي آھن ڇوته قرآن ۾ سورة البقرة ۾ آيت نمبر 143 ۾ بيان ٿيل آهي تہ مسلمانن کي امت وسطي بڻايو ويو آهي تہ جيئن اھي دنيا جي ماڻهن تي گواھ رھن ۽ رسول وري انھن تي. تفھيم القرآن ان جي تفسير ۾ ٻڌائي ٿو ته امت وسطي جو مطلب وسيع معني رکي ٿو. ان مان مراد ھڪ اعلي ۽ شرف وارو گروه آھي جيڪو عدل ۽ انصاف ۽ درمياني روش تي قائم آهي ۽ دنيا جي قومن ۾ سربراهي جي مترادف آهي.[1]