امبر مھڪ
ناليواري گلوڪاره -امبر مهڪ- ڌيءَ يار محمد، 12 مئي 1980ع ۾ موچي پاڙي حيدرآباد ۾ -جنم- ورتو، سندس والده شميم آرا ريڊيو -پاڪستان- جي مشهور فنڪاره رهي آهي. جڏهن ته سندس وڏي ڀيڻ انجم آرا به گائيڪيءَ ۾ تمام گهڻو نالو ڪڍيو. -امبر مهڪ- گائڪيءَ جي سکيا اُستاد -امير- عليءَ کان حاصل ڪئي. هن پنهنجي فن جي شروعات 1994ع ۾ ريڊيي -پاڪستان- حيدرآباد کان عنايت -بلوچ- جي دؤر ۾ ڪئي، -امبر مهڪ- سڀ کان پهرين ريڊيي -پاڪستان- حيدرآباد جي سالگرهه پروگرام ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو. هن جي ڳائڻ جو محور گهڻو ڪري ڪلاسيڪل راڳ ۽ ڀٽائيءَ جو راڳ آهي، -امبر مهڪ- کي راڳ جي سکيا وٺڻ لاءِ سندس مرشد فقير رحمان سائين، اُستاد -امير- عليءَ جي شاگرديءَ ۾ ڏنو، چئن سالن جي محنت ۽ رياض کانپوءِ -امبر مهڪ- 2002ع ۾ اُستاد خانصاحب خير محمد خان جي ورسي تقريب ۾ ڳائي تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. هڪڙي سنڌي ٽي. وي. چينل -تان- -امبر مهڪ- قلندر لال شهبازرح جي ڌمال ”قلندر لال مان تنهنجي ملنگياڻي آهيان“ ڳائي تمام گهڻي مشهوري ماڻي. سندس 14 کان وڌيڪ البم رليز ٿيل آهن. اُن کانسواءِ -اسلام- -آباد- لاهور ڪراچي، -پاڪستان- -ٽيليويزن- ڪارپوريشنن جي سينٽرن -تان- کوڙ سارا پروگرام ڪري چڪي آهي.[1]